ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي رستن تي بغير نمبر پليٽ واري گاڏي ۾ گهمندڙ ايف بي آر آفيسر جي ٽريفڪ پوليس ۽ صحافي سان بدتميزي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، سينيٽر فيصل واوڊا ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس ۽ صحافي سان بدتميزي ڪندڙ ايف بي آر آفيسر خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته ان ايف بي آر آفيسر کي رڳو معطل ڪرڻ ڪافي ناهي، کيس نوڪري مان برطرف ڪرڻ گهرجي، مان حيران آهيان ته اڃا تائين وزيراعظم، ناڻي وارو وزير ۽ ايف بي آر چيئرمين هن آفيسر کي ڇو نه هٽايو آهي، عوام جي نوڪر پاران عوام سان جانورن جهڙو سلوڪ هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن هن آفيسر کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ جي ڪارروائي شروع نه ڪئي وئي ته مان کيس سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ۾ سڏائيندس، اتي جيڪي ڪجهه ٿيندو، ان تي ڪنهن کي به ڪا شڪايت نه هجڻ گهرجي.