اجرڪ واري نمبر پليٽ تي متحده جو احتجاج، ڌاڙيلن جو سڀ کان وڏو هٿيار موٽرسائيڪل آهي : صوبائي وزير

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ اسيمبلي جي ڪالهه جمع واري اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم اسيمبليءَ ميمبرن ڪراچي ۾ اجرڪ نمبر پليٽن جي مسئلي تي مختلف اعتراض اٿاريا،مخالف ڌر جي ميمبر شبير قريشي ڪراچي ۾ نئين نمبر پليٽن جي مسئلي تي شهرين کي درپيش مسئلن تي اعتراض اٿاريو. هن چيو ته ٽريفڪ پوليس نمبر پليٽن جي مسئلي تي تنگ ڪري رهي آهي، ان ڪري ٽريفڪ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اجرڪ نمبر پليٽون ٻن کان ٽن سالن کان استعمال هيٺ آهن، اجرڪ کي مسئلو نه بڻايو وڃي. هن چيو ته چورن ۽ ڌاڙيلن جو سڀ کان وڏو هٿيار موٽرسائيڪل آهي. اسان چئون ٿا ته موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ ٿيڻ گهرجن، جنهن  تي اعتراض ڇو آهي؟ اهي نمبر پليٽون ڪئميرا ۾ نظر اچي رهيون آهن، هر شيءِ کي  تڪراري ڇو پيو بڻايو وڃي؟ اسان سڌي يا اڻ سڌي طرح چورن ۽ ڌاڙيلن جي حمايت ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جعلي سرڪاري نمبر پليٽن واريون گاڏيون هلي رهيون آهن، صوبائي ايڪسائيز وزير مڪيش ڪمار چائولا ميمبرن جي پوائنٽ آف آرڊر جو جواب ڏيندي چيو ته نئين نمبر پليٽ 2022 ۾ آئي هئي، اهي سيڪيورٽي خاصيت تحت نمبر پليٽون آهن. مان پنجاب حڪومت کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن پنهنجي فلائي اوور پل تي اجرڪ لڳايو آهي، پر هتي اجرڪ خلاف نفرت پکيڙي پئي وڃي، ائين نه ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم ميمبر نجم مرزا چيو ته اجرڪ مسئلو ناهي، پر اجرڪ جي آڙ ۾ ماڻهو تڪليف ۾ آهن، ماڻهن کي هزارين رپين جا چالان ملي رهيا آهن. اسيمبلي ميمبر عثمان انجنيئر پنهنجي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ گلستان جوهر ۾ 42 عمارتن کي نوٽيس ڏنو آهي، انهن 42 عمارتن ۾ 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا. نوٽيس ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن عمارت ڪري پئي ته بلڊر ذميوار هوندو. هن چيو ته بلڊر 20 سال اڳ هليو ويو هو، هاڻي رهواسين مان ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي؟ مڪاني ادارن واري وزير پوائنٽ آف آرڊر جو جواب ڏيندي چيو ته هو انڪار نٿو ڪري ته اهو مسئلو ناهي. لياري ۾ عمارت ڪِرڻ تي حڪومت تي تمام گهڻي تنقيد ٿي آهي. جيڪا ڪنهن حد تائين جائز به هئي، مان هڪ وزير جي حيثيت سان پنهنجي ذميواري قبول ڪريان ٿو. ايم ڪيو ايم جي راشد خان پنهنجي پوائنٽ آف آرڊر تي چيو ته حيدرآباد ۾ 74 عمارتن کي نوٽيس ڏنا ويا آهن،پوليس پاران امڙين ۽ ڀينرن جي بي عزتي ڪئي وئي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.