ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزيرسعيد غني چيو آهي ته لياري ۾ عمارت ڪِرڻ وارو واقعو نهايت ئي افسوسناڪ آهي، اهڙي سانحي کان پوءِ نه رڳو ايس بي اي جي ڊي جي کي سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي پر يارهن لاڳاپيل آفيسرن خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي آفيسرن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت متاثرن سان گڏ آهي. اهڙيون ڳالهيون هن گذريل ڏهاڙي لياري سانحي تي سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر جي ميمبر ساجد احمد جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪيون. مخالف ڌر جي ميمبر ساجد علي موقف اختيار ڪيو هو ته لياري ۾ هڪ وڏو سانحو پيش آيو آهي جنهن ۾مهيشوري ۽ لاسي برادري جا 27 ماڻهو فوت ٿيا. سعيد غني چيو ته سڄي صوبي ۾ 87 عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن، ڪراچي ۾ 66 عمارتون ڊاهيون ويون آهن، جن مان 64 عمارتون ڏکڻ ضلعي جون آهن. مڪاني ادارن واري وزير چيو ته لياري ۾ ڪري پوندڙ عمارت ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن جي مالي مدد۾ اضافو ڪيو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ ضلعي ۾ 325 خاندان بي گهر ٿيا آهن.