ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جمعي ڏينهنبلوچستان ۾ ٻٽي قتل جي واقعي جي مذمت ۾ هڪ قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت ترين سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. قرارداد پي پي پي جي ميمبر سعديه جاويد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان حڪومت کي واقعي جي غير جانبدار جاچ ڪرڻ گهرجي.