حيدرآباد (پ ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي ۽ منصور ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڌاڙيل راڄ، قبائلي دهشتگردي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ (25 جولائي) لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي جنهن جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. ان سان گڏ اڄ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص سميت مختلف ضلعن جي جنرل ڪائونسل جا اجلاس طلب ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي سجاڳي مهم تيز ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي ويندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني آهي، ڌاڙيلن کي سرڪاري سردارن جي سرپرستي ۾ نيٽو جا هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن.