چيني ڪمپني جي ڪوتاهي سبب سکر بئراج جي بنياد لاءِ خطرا پيدا ٿي ويا

سکر(رپورٽ:اظھر علي دايو) سکر بئراج جي گيٽن جي تبديلي واري ڪم ۾  چيني ڪمپني جي ڪوتاهي جي ڪري بئراج جي اسٽرڪچر لاءِ خطري جي گهنٽي وڄڻ شروع ٿي وئي.   چيني ڪمپني  کي گذريل سال آڪٽوبر کان 30 جون 2025 تائين سکر بئراج جي گيٽ نمبر 43 کان گيٽ نمبر 59 تائين 16 گيٽ ۽ ليفٽ پاڪيٽ جي 2 دروازن سميت 18 دروازا تبديل ڪرڻا ھئا ڪمپني گيٽ نمبر 43 کان گيٽ نمبر 59 تائين اپ اسٽريم ۾ ڪافر ڊيم جوڙڻ سان گڏ ليفٽ پاڪيٽ جي گيٽ نمبر 63 جي اپ اسٽريم ۾ ڪيسنگ گيٽ ھڻي نان فنڪشنل ڪري ڇڏيو آهي جنھن سبب ليفٽ پاڪيٽ جي باقي 6 دروازن کي پڻ سلٽ سخت متاثر ڪيو آھي. ٻئي طرف سکر بئراج جي مين درياءُ جو گيٽ نمبر 43 پڻ لٽ ۾ دٻجي ويو آهي ڪمپني پاران گيٽ کي سلٽ مان ٻاھر ڪڍڻ بجاءِ اپ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ دروازي کي مٽيءَ جي ٻورن سان ٻنڊو ڏيئي  دروازي اوچائي 21 فوٽن مان وڌائي 25 فوٽن تائين ڪرڻ لاءِ لوھي پليٽ ويلڊنگ ڪري لڳائي وئي آهي ان ڏس ۾ سکر بئراج جي گيٽن جي تبديلي واري ڪم جي نگراني ڪندڙ سنڌ بئريجز امپورمنٽ پروگرام جي پراجيڪٽ ميئنجر انجنيئر پريتم داس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چاڙهه وارن وھڪرن کي بند پيل گيٽ مٿان پاڻيءَ جي او ور ٽاپ ٿيڻ کان بچاء لاءِ آھن جڏهن ته سکر بئراج جي رٽائرڊ مڪينيڪل فورمين عبدالرحمان شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو لوھي شيٽون لڳائڻ سان 43 نمبر گيٽ جي پلرن مٿان پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ويندو جنھن سان بئراج جو اسٽرڪچر جيڪو ميسنري ورڪ سان جوڙيل آھي ان کي نقصان پھچڻ جا چٽا امڪان پيدا ٿي ويا آھن. ليفٽ پاڪيٽ جي گيٽ نمبر 63 آڏو ڪيسنگ گيٽ ڦاٿل هجڻ سبب ليفٽ پاڪيٽ مان پاڻي جي لنگھ جو رستو ۽ نيڪال سوڙھو ٿي وڃڻ سبب ليفٽ پاڪيٽ جي مٿان پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.