ٽنڊو آدم (رپورٽ: ممتاز حيدري )ٽنڊي آدم جي سٽي جي حد ميمڻ پاڙي ۾ ڌيءَ کي ڇڙواڳ ڇوڪرن پاران هراسان ڪرڻ تي بعد ذهني دٻاءُ سبب نياڻيءَ جو پيءُ 70 ورهين جومحمد رمضان ميمڻ فوت ٿي ويو، اهڙو اطلاع سٽي پوليس کي ڏنو ويو، جنهن فوتي جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال آندو جتان وارثن جي انڪار بعد بنا پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي فوتي جي پٽ محمد قاسم ميمڻ ۽ ڀاڻيجي جميل احمد ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي جيڪا ٽيوشن تي ويندي آهي رستي ۾ دڪان تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرا نياڻيءَ کي ايندي ويندي هراسان ڪندا هئا، اهڙي ڳالهه هن پنهنجي گهر وارن کي ٻڌائي جنهن تان دڪان تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرو الطاف ڪاتيار پنهنجن 15 کان 20 ساٿين کي وٺي اچي گهر آڏو گوڙ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏنيون، محمد قاسم ٻڌايو ته منهنجو پيءُ انهن ڌمڪين بعد سخت ذهني دٻاءُ ۾ اچي ويو سندس طبعيت انتهائي خراب ٿي جنهن بعد هو فوت ٿي ويو، هنن مطالبو ڪيو آهي ته اسان جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڪيس داخل ڪرائيندا ته قانون موجب مدد ڪئي ويندي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.