ڪشمور جي نئين ايس ايس پي کي ڌاڙيلن جي سلامي، 2 نينگر اغوا

ڪشمور(ڊر)ڪشمور آرڊي 45 پل وٽ لنڪ روڊ تي ھٿياربندن چڙهائي ڳوٺ حاجي محمد موسيٰ نائچ واسي ھڪ نينگر سميت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن، ڪشمور پوليس منظر تانغائب، ڪشمور واسي نينگر فيضان نائچ ۽ محمد عيسيٰ نائچ کي ھٿياربندن موٽرسائيڪل تي گھر طرف ويندي رستي مان اغوا ڪري موٽرسائيڪل سميت کنڀي کڻي ويا، ڪشمور پوليس اطلاع باوجود نه پھتي، ڪشمور ضلعي ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامني ڦر لٽ اغوا وارداتن بعد گذريل ڏينهن ايس ايس پي زبير نظير شيخ کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي محمد مراد گھانگھرو کي مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي آفيس پهچي چارج سنڀالڻ بعد اڄ ڪشمور مان نينگر سميت 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.