خضدار(م ڊ) ليويز فورس خضدار جي ڏورانهين علائقي مان هندو خاندان جي 9 فردن کي جبري پورهئي واري خانگي جيل مان آزاد ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻه بااثر زميندارگرفتار ڪيا ويا. سينيٽر دنیش ڪمار وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي کان انهيءَ خاندان جي آزادي لاءِ باقاعده درخواست ڪئي هئي. وزيراعليٰ فوري نوٽيس وٺندي اعليٰ اختيارين کي هدايت جاري ڪئي، جنهن بعد تعلقي گريشہ جي علائقي "خُرا” ۾ ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. وڏي وزير جي هدايت تي قلات ڊويزن جي ڪمشنر جي نگرانيءَ ۾ ليويز فورس ڪارروائي ڪئي. ڇاپي دوران مزدورن کي جبري حالتن ۾ ڪم ڪندي ڏٺو ويو. ڪارروائي دوران ٻه بااثر زميندار، بابو ۽ داد محمد بلوچ، کي جبري پورهيو وٺڻ ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. آزاد ڪرايل سڀئي ماڻهو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، سنڌ جي ضلعي سانگهڙ سان واسطو رکن ٿا. انهن کي مبينا طور ڪوڙا واعدا ڪري بلوچستان آندو ويو هو، ۽ پوءِ هٿيارن جي زور تي زبردستي زمينن تي جبري پورهيو ڪرايو ويندو هو. متاثر ٿيل سڀني ماڻهن کي ليويز ٿاڻي نال منتقل ڪيو ويو، جتي انهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد کين هندو پنچائت حوالي ڪيو ويندو. سينيٽر دنیش ڪمار چيو ته اقليتن خلاف اهڙن ظلمن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ۽ وزيراعليٰ جي بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي قابل تعريف آهي.