پاڪستان ۾ ھاڻ 2010 کانپوءِ چٽي ريت موسمي شدت، خاص ڪري خطرناڪ ڪڪر ڦاٽڻ (ڪلائوڊ برسٽ – Cloudburst: تمام گھڻي ۽ اوچتي برسات جو هڪ ننڍڙي علائقي تي ٿوري وقت ۾ پوڻ) جا واقعا گھڻا ٿي رهيا آهن، جيڪي عالمي طور گرمي جي درجي وڌڻ سبب ڳاڻيٽي ۽ مقدار ۾ وڌي رهيا آهن. ڪجهه ڏينھن اڳ پنجاب جي پوٺوهار پليٽيو تي چڪوال ۾ صرف 48 ڪلاڪن اندر 500 ملي ميٽر جي لڳ ڀڳ غير معمولي برسات پئي، جنهن پوري علائقي کي وسيع درياھي پيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ سوان درياھ ٻه لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کڻي سنڌوءَ جي حوالي ڪيو آھي ۽ چشما وٽ سنڌو جو وھڪرو ۱۹ جولاءِ تي چارلک ڪيوسڪ آھي. هي واقعو ڪڪر ڦاٽڻ جي عمل ۽ اثرن کي جاچڻ ۽ ان سان لاڳاپيل موسمي نئين حقيقتن کي سمجهڻ جي تڪڙي ضرورت کي نروار ڪري ٿو.
ڪڪر ڦاٽڻ کي سمجهڻ:
ڪڪر ڦاٽڻ تمام گهڻي شدت وارو مينھن آهي جيڪو هڪ مخصوص، ننڍڙي علائقي ۾ پوي ٿو. سائنسي طور تي، مثال طؤر عالمي موسمي تنظيم (WMO) ان کي 100 ملي ميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ برسات جي طور تي بيان ڪري ٿي، خاص طور تي جڏهن اها گهٽ وقت ۾ وڏي مقدار ۾ پوي. اهي واقعا وڏن، عمودي طور تي تيار ڪيومولونمبس ڪڪرن (Cumulonimbus: هڪ قسم جو وڏو، عمودي ڪڪر جيڪو شديد برسات، گجگوڙ ۽ طوفان آڻيندو آهي) ۾ پيدا ٿين ٿا جن ۾ تيز هوائي وهڪرا هوندا آهن، ۽ اهي عام طور تي 30 منٽن کان 2 ڪلاڪن تائين هلندا آهن، جڏھن ته انهن جا تباهي ڪندڙ اثر ڪيترن ئي هفتن تائين برقرار رهي سگهن ٿا. 2025 جو چڪوال وارو واقعو انهن سڀني معيارن کان گهڻو اڳتي هو:هن ۾ جولاءِ جي سراسري مينھن کان 416 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي.
ان کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ، مينھن جي شدت ۽ گھڻائي جي حساب سان معيار ۽ ماڻ عرض ڪجن ٿا: "گهڻو مينھن” 50 ملي ميٽر في ڏينهن) 24 ڪلاڪ( کان وڌيڪ، "تمام گهڻو” 125 ملي ميٽر في ڏينهن کان وڌيڪ، ۽ "انتهائي گھڻو” 250 ملي ميٽر في 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ مقدار کي چيو وڃي ٿو. چڪوال واري واقعي ۾ اهي حدون ( گھڻو، تمام گھڻو ۽ انتھائي گھڻو) صرف 3 ڪلاڪن، 8 ڪلاڪن، ۽ 12 ڪلاڪن ۾ پار ٿي ويون، عملي طور تي "انتهائي يا تمام گھڻي برسات” جي وصف کي اڌ وقت ۾ ٻيڻو ڪري ڇڏيو، جنهن مان ان جي غير معمولي نوعيت ظاهر ٿئي ٿي.
موسمي تبديلي: مينھن جي مقداري ۽ انداز واري واڌ جو جو هڪ عالمي سبب
پاڪستان ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جي شدت جو سڌو سنئون تعلق موسمي تبديلي سان آهي، جيڪا هڪ "طاقت وڌائيندڙ محرڪ” جو ڪم ڪري ٿي. ڪلوسيئس-ڪلاپيرون ايڪيوشن/مساوات (Clausius-Clapeyron Equation: فزڪس ۾ هڪ مساوات جيڪا گرمي پد ۽ گھم جي مقدار جي وچ ۾ تعلق کي بيان ڪري ٿي، اها ٻڌائي ٿي ته جيئن گرمي پد وڌندو تيئن هوا ۾ گھم کڻڻ جي صلاحيت وڌندي) موجب، فضا هر 1°C گرمي پد جي واڌ سان تقريباً 7 سيڪڙو گھِمَ وڌي سگهي ٿي. گھميل فضا ئي مينھن جو بنياد ھوندو آھي. پاڪستان جي صورتحال وڌيڪ پيچيده آهي، جنهن ۾ ڪيترائي عنصر شامل آهن:
عربي سمنڊ جو گرم ٿيڻ: عربي سمنڊ ۾ مٿاڇري جو گرمي پد هاڻي صنعتي دور کان اڳ واري سطح کان 1.8°C وڌيڪ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان موسمي کاتي (PMD) جي 2024 جي رپورٽ موجب، مون سون جون هوائون 40 سيڪڙو وڌيڪ گھم آڻين ٿيون. هي گھم جو وڌيل مقدار شديد برساتن جو سبب بڻجي ٿو.
فضائي ٽريفڪ جام: جيٽ اسٽريمز (Jet Streams: مٿانهين فضا ۾ تيز هوا جا وهڪرا جيڪي موسمي نظامن کي حرڪت ڏيندا آهن) جو ڪمزور ٿيڻ، جيڪو آرڪٽڪ (Arctic: ڌرتي جو اتر وارو برفاني علائقو) جي گرم ٿيڻ جو نتيجو آهي، 2025 ۾ طوفاني نظام کي پاڪستان مٿان ڪلاڪن تائين بيهاري رکيو، جنهن سبب برسات گهڻي وقت تائين جاري رهي ۽ تباهي جي شدت وڌي وئي.
ٽوپوگرافي (Topography): هماليه جي جبلن جي موجودگي اوروگرافڪ لفٽنگ (Orographic Lifting: جڏهن گھم سان ڀريل هوا جبلن سان ٽڪرائجي مٿي چڙهندي آهي، ٿڌي ٿيندي آهي ۽ برسات جو سبب بڻجندي آهي) ذريعي برسات کي 300 سيڪڙو وڌائي ٿي، جتي گھميل گرم هوا مٿي چڙهي ٿي، ٿڌي ٿئي ٿي، ڀرپور مينھونڳي جو سبب ٿئي ٿي. انڪري جابلو علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو عمل وڌيڪ ٿي سگھي ٿو.
وڏي ڄمار وارن ماڻھن کان اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته "اسان جي وقت ۾ به گهڻيون برساتون پونديون هيون، پر اسان جا شهر ۽ ڳوٺ ڪڏهن به ايتري حد تائين ٻوڏ جو شڪار نه ٿيندا هئا.” اھو بلڪل سچ آهي، ۽ ان جا ڪيترائي سبب آهن:
قدرتي پاڻي جي نيڪال جا رستا: اڳي پاڻي جي نيڪال لاءِ قدرتي رستا موجود هوندا هئا، جن تي اڄ ماڻهن قبضو ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن، يا اقتصادي دٻاءَ سبب طاقتور ماڻهن انهن کي پنهنجي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پڪيون گهٽيون ۽ ڪچا رستا: ان وقت اڪثر گهٽيون سرن جون يا ڪچيون هونديون هيون، جيڪي برسات جي پاڻي کي زمين ۾ چڱيءَ طرح جذب ٿيڻ ڏينديون هيون. اڄ گهٽيون پڪيون ۽ سيمينٽ جون ٺهيل آهن، جيڪي پاڻي کي جذب ٿيڻ نه ٿيون ڏين، نتيجي ۾ پاڻي بيهجي وڃي ٿو.ويڪرا راند جا ميدان: اڳي وسيع راند جا ميدان ۽ کليل جايون هونديون هيون جيڪي سڄي برادري استعمال ڪندي هئي ۽ اهي برسات جي پاڻي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون هيون. هاڻي، اهي جايون غيرقانوني قبضا يا وڌندڙ آبادي جي گهرجن سبب آباد ٿي چڪيون آهن.گهٽ آبادي: ان وقت آبادي تمام گهٽ هئي، جنهن ڪري شهري علائقن تي ايترو دٻاءُ نه هو ۽ قدرتي پاڻي جي نيڪال جا رستا قائم هئا. وڌندڙ آبادي سان گڏ، اڏاوتن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ پاڻي کي جذب ڪرڻ واريون جايون ختم ٿي ويون آهن.
سائنسي بنيادن تي حل:
صحيح اڳڪٿي: ايڪس-بينڊ ريڊار نيٽ ورڪ (X-Band Radar Network: هڪ قسم جو ريڊار جيڪو ننڍن موسمي واقعن جي درست اڳڪٿي لاءِ استعمال ٿيندو آهي) کي اپ گريڊ ڪرڻ سان ڪڪر ڦاٽڻ جي ڇهن ڪلاڪ اڳ ئي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. اهو نازڪ وقت آبادي کي خبردار ڪرڻ، تيارين ڪرڻ، ۽ جانين ۽ مال جي نقصان کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو.
جيو اسپيشل (Geospatial) انجنيئرنگ – "اسپنج زونز” جو تصور: شهري علائقن جي 15 سيڪڙو حصي کي "اسپنج زونز/ پاڻي چوسيندڙ علائقن” (Sponge Zones: شهري علائقن ۾ اهڙيون جايون جيڪي برسات جي پاڻي کي قدرتي طور تي جذب ۽ ذخيرو ڪن، جيئن پارڪ، سايون ڇتون ۽ خاص فرش) ۾ تبديل ڪرڻ جو مطلب آهي شهري ڍانچي کي اهڙي طرح ڊزائين ڪرڻ جو اها قدرتي طور تي پاڻي جذب ۽ ذخيرو ڪري. ان ۾ پارڪ/ ساوڪ وارا ميدان ۽ باغ، ڇت تي ساوڪ، خاص گس ۽ پاڻي چوھيندڙ فرش شامل آهن جيڪي پاڻي کي زمين ۾ جذب ٿيڻ ڏين ٿا. ان ۾ مينھن جي پاڻي جو لاڀ ۽ زير زمين پاڻي جي ذخيرن جو نظام شامل آهن. هي نظام شهري ٻوڏ کي گهٽائڻ ۽ پاڻي جي وسيلن کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
آبهوا-موافق بنيادي ڍانچو: رستن کي بلند ڪازويز (Causeways: بلند رستا يا پُلُون جيڪي پاڻي مٿان يا دلدلي علائقن مان گذرندا آهن) طور ڊزائين ڪرڻ جن ۾ 500 ملي ميٽر في ڪلاڪ برسات جي نيڪال جي صلاحيت هجي، ضروري آهي ته مستقبل جي ٻوڏن کي منهن ڏئي سگهجي ۽ لڏپلاڻ جو فعال نظام برقرار رهي.
2025 جو چڪوال وارو واقعو اهو هڪ خوفناڪ اشارو آهي ته 2030 واري ڏهاڪي ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو. عربي سمنڊ جي هر ڏهاڪي ۾ گرم ٿيڻ سان، ڪڪر ڦاٽڻ جلد ئي صرف 24 ڪلاڪن ۾ 600 ملي ميٽر کان به وڌيڪ برسات ڏئي سگهن ٿا. پاڪستان لاءِ ان ڏس ۾ جدوجهد ڪرڻ اڻٽر آھي. هڪ اهم سوال آھي ته ڇا اسان ۽ دنيا هن خطرناڪ اڳڪٿي تي ڌيان ڏيندي ان کان اڳ جو ساڳيون آفتون ٻين هنڌن تي اچن؟