اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ کنڊ جي قيمت تي ضابطو نه آڻڻ تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي وئي، ميمبرن چيو ته کنڊ جي قيمت تي قابو آڻڻ ۾ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر محسن عزيز چيو ته مسابقتي ڪميشن پنهنجو ڪم ڪرڻ کان قاصر آهي، اها مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هتي سيڙپڪاري جي ڳالهه ته ٿئي ٿي، پر صارفين جي حقن جي تحفظ بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿيندي، کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ حڪومت ناڪام رهي آهي، سينيٽر علي ظفر چيو ته حڪومت ۽ شوگر مافيا گڏجي عوام جو رت چوسي رهيا آهن، مسابقتي ڪميشن مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، پوري مارڪيٽ ۾ 200 رپيا في ڪلو کان گهٽ کنڊ نه ٿي ملي، حڪومت شوگر مافيا کي سپورٽ ڪري رهي آهي، شوگر مافيا جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، سڄي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جاچ ڪندي، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته هر خوراڪ جي شيءِ تي مافيا قابض آهي، کنڊ تي به مافيا بڻيل آهي، چيو ويندو آهي ته ان تي ڳالهه نه ڪريو، اهو صوبائي معاملو آهي، جيڪڏهن اسين ڪم نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ هتي ڇا فضول وقت گذارڻ آيا آهيون؟، دنيش ڪمار چيو ته ڪوئيٽا جي فلائيٽ لاءِ رڳو هڪ ڪمپني کي اجازت ڏيڻ به ڪارٽيل آهي، سينيٽر مولانا عبدالواسع چيو ته ڪوئيٽا لاءِ فلائيٽ جو ڪرايو هڪ لک رپين تائين وڌي ويو آهي، هڪ پاسي دهشت گرد آهن ته ٻي پاسي حڪومت، ڇا دهشت گرد ۽ حڪومت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن؟سينيٽر محسن عزيز سينيٽ ۾ ملڪ ۾ صارفين کي مهانگائي کان تحفظ ڏيڻ لاءِ صحتمند ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي، ناڻي واري سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته مسابقتي ڪميشن آگسٽ 2023 کان اڄ تائين 12 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا آهن، ڪارٽيل وِنگ 20 جاچون مڪمل ڪري ورتيون آهن، آڪٽوبر 2023 کان وٺي ڪميشن کي 28 سيڪٽرن مان 170 شڪايتون مليون، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ بلوچستان جا آفيسر نظر نٿا اچن، جڏهن ته بلوچستان جي جعلي ڊوميسائل تي اسلام آباد جي بيوروڪريسي ۾ ماڻهو ويٺل آهن، حڪومت بلوچستان جي مسئلن تي اکيون کولي، پارليماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري چيو ته سڀني حڪومتن جي ترجيح بلوچستان رهي آهي، وفاقي حڪومت ۾ بلوچستان جو ڪوٽا 3.5 سيڪڙو هو، جنهن کي 2007 ۾ وڌائي 6 سيڪڙو ڪيو ويو.