ملير (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب سنڌ تباهه ٿي رهي آهي سنڌ ۾ لاقانونيت عروج تي آهي اڄوڪي جديد دور ۾ اغوا، ڦر ڌاڙا ۽ برادرين جا جهيڙا معمول بڻيل آهن. اجرڪ سنڌ جي هزارين سالا تاريخ رکندڙ ثقافت آهي نمبر پليٽ تي اجرڪ جي نشان جي مخالفت ڪندڙ تعصب پرست آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ صدر حنيف سومرو ۽ سينيئر صحافين ناز شر، مصطفيٰ عباسي، ثناءُالله شيخ، علي محمد گبول سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ماڻهن هميشه پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنو آهي گذريل 15 سالن کان پي پي جي حڪومت آهي ان باوجود عوام جي زندگي تبديل نه ٿي سگهي آهي. هڪ سازش تحت سنڌ جي نوجوانن کي اعليٰ عهدن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ تعليمي نظام کي ڪرپٽ بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي گهڻيون پارٽيون آهن، جونيئر ذوالفقار ڀٽو نئين پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو ته اسين خوش آمديد ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته صدارتي نظام جون ڳالهيون پاڻمرادو ڪرايون پيون وڃن. آئين تحت صدارتي نظام لاڳو نٿو ٿي سگهي . ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن گلزار سومرو، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، خير محمد مگسي، اعجاز سامٽيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.