ڪراچي ( رپورٽر ) ناليواري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو آهي ته سنڌ کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي، سنڌ واسي ٻين مسئلن تي ڪينالن جهڙي تحريڪ هلائن. ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھ ٻولهه ڪندي چيو ته گهگهر ڦاٽڪ کان نڪرو ته لڳندو آهي ته سنڌ 70/80 سال پوئتي پيل علائقو آهي ۽ سڀ کان وڏو مسئلو سنڌ جي ذمين جو آهي سيڪريٽري کي مٿان حڪم اچي ٿو ته ميلن تائين زمين ڏئي ڇڏي ٿو، هن چيو ته سنڌ جي زمين ڪڏهن فائرنگ رينج لاءِ زمين گهرجي ٿي ڪڏهن ريلوي ٽريڪ لاءِ زمين ڏني ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي شاهراه فيصل تي سفر ڪيو ته 3 لائنن کان پوءِ سنڌ حڪومت جو اختيار ئي ناهي ته اتان واري زمين حاصل واپس ڪرائي، ڊفينس کي ائين ٺاهيو ويو آهي جو برسات جو پاڻي سمنڊ ۾ نه ٿو وڃي، صبا اوينيو سمنڊ ۾ پاڻي وڃڻ کان روڪي ٿو اتي پاڻي جو ڊيم ٺهي وڃي ٿو. قيصر بنگالي چيو ته سڀني کان وڌيڪ گئس سنڌ ۾ آهي، ان جي ورهاست ۾ وڏو حصو سنڌ جو هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته پئٽروليم ليوي لڳايو ويو آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جو حصو صوبن کي نه ملندو.پنجاب ۾ موٽروي هوندي به سڀ کان وڌيڪ موٽروي اتي ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ ۾ حيدرآباد سکر لاءِ هر دفعو نئون فارمولو آندو وڃي ٿو هن چيو ته ڪراچي کان ٻاهر نڪرون ٿا ته سنڌ جو حالتون تمام خراب نظر اچن ٿيون ، خوراڪ جي گهٽتائي جي ڪري هڪ ڪلو جا ٻار پيدا ٿين ٿا جن جو بچڻ مشڪل هوندو آهي، نه رڳو ٻار پر مائرن جي خوراڪ به پوري نه ٿي ٿئي ان ڪري ڪمزور ٻار پيدا ٿين ٿا، قيصر بنگالي چيو ته سنڌ جي معدنيات جو پهرين ڏينهن کان استحصال ٿي رهيو آهي، پي پي ايل ڪيترن ئي سالن کان بغير معاهدي جي گئس ڪڍندو رهيو آهي، هن چيو ته گڏجي رهڻ جو مطلب ڇا آهي ان جي وضاحت ڪٿي به ناهي ته ان جي فائدي مان اڌو اڌ آهي يا نڪرندڙ معدنيات مان اڌو اڌ آهي، ڇا سنڌ ۾ ڪو اهڙو ادارو آهي جيڪو ان تي ڪم ڪري ته ڪينالن تي ڪم ٿئي پيو يا نه، هن چيو ته حيدرآباد ڪراچي وارو روڊ پهرين سنڌ جو هائي وي هو هاڻي سنڌ جو نه رهيو آهي.بلوچستان ۾ جتي روڊ ئي ناهن ته اتي ڪير سيڙپڪاري ڪندو .۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ به سيڙپڪاري ۾ ڪير دلچسپي نه ٿيو وٺي، هن وڌيڪ چيو ته هن کي چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪنداسين ته پيداوار ٻاهر موڪليندا سين مون چيو ته پاڻي ئي ناهي بنجر ذمين کي آباد ڪرڻ لاءِ آباد زمين کي بنجر ڪنداسين، هاڻي،صورتحال اها آهي ته معاشرو ٽٽي پيو سنڌ جو معاشرو ٽٽي پيو ملڪ ٽٽي پيو، هن چيو ته ضياء الحق به هڪڙو ٽئڪس تعليم لاءِ لڳايو پر تعليم اتي ئي رهجي وئي ٽئڪس مرج ٿي ويو،اين ايف سي جا ايترا پئسا آيا ان جو ڇا نتيجو نڪتو، ٻين علائقن ۾ روزگار ناهي ته ماڻهو نڪري شهرن ڏانهن اچن پيا. قيصر بنگالي چيو ته هن تجويز ڏني هئي ته صوبي ۾ جيڪي ٻاهران ماڻهو اچن پيا انهن کي ووٽ جو حق نه ڏنو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته خدشو آهي ته هن سال به اها ئي ٻوڏ ايندي جيڪا 2010 ۾ آئي. ٽئڪس اوڳاڙي ڪرڻ وارا ڀتو وٺڻ وارا آهن، ماڻهو پسماندگي ۾ رهن ٿا.، ڪينالن واري تحريڪ کان پوءِ ماڻهو گهر هليا ويا سنڌ جي ٻين مسئلن تي اها تحريڪ اڳتي وڌي منظم نه ٿي سگهي. هڪ سانحي کان پوءِ ماڻهو گهر هليا وڃن ٿا ٻئي سانحي جو انتظار ڪن ٿا، قيصر بنگالي چيو ته اسان سيٽلائيٽ اسٽيٽ آهيون ڪجهھ سال ڀارت تي آمريڪا جو ڌيان هو ته اسان پريشان هئاسين هاڻي مانجهاندي لاءِ گهرايو ويو ته خوش آهيون، آمريڪا کي اسان مان ڪو خطرو ناهي کي خبر آهي ته ان جي هڪڙي فون تي اسان گوڏا کوڙينداسين. هن چيو ته 18 هين ترميم کي پهرين ڏينهن کان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سنڌ حڪومت ان معاملي تي بيٺل آهي. سنڌ جي مڊل ڪلاس ترقي ڪئي آهي، سنڌ ۾ تعليم يافته طبقو وڌيو آهي جنهن کي حيدر بخش جتوئي واري لينڊ ريفارم تي ڳالهائڻ گهرجي.