ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي جي انجمن استادن پاران پروفيسر آفاق احمد تي ٿيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، انجمن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي افسوسناڪ واقعو 2 ڏينهن اڳ پيش آيو، جڏهن رينجرز اهلڪار جي مبينا تشدد سبب پروفيسر آفاق احمد جو چشمو ٽٽي پيو ۽ اک ۾ به زخم آيو، بيان موجب، هي معاملو اسٽاف ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي رينجرز اهلڪار پنهنجن جانورن کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ ڪچري کي باهه ڏني، جنهن تي ويجهي گهر ۾ رهندڙ پروفيسر آفاق احمد کيس اهڙي عمل کان روڪيو، انڪار تي رينجرز آفيسر جي گارڊ پروفيسر آفاق کي ٿپڙ هڻڻ شروع ڪيا، انجمن استادن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي، ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن.