ڪراچي( رپورٽر) پوليس کاتي ۾ ڀرتين لاءِ ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران نوڪريون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب ڪراچي ٻاھريان احتجاج ڪيو ويو، اميدوارن ريلي جي صورت ۾ ريڊ زون ڏانھن مارچ ڪيو، پوليس پاران اميدوارن کي رستي ۾ روڪي ورتو جتي اميدوار ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ سخت نعريبازي ڪئي، انھي موقعي تي طالب حسين سھتو، مظفر جوکيو، فاروق شر، ملڪ شھباز، جبار ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته اسان گريڊ 7 ۾ پوليس اھلڪار لاءِ 2024 ۾ ٽيسٽ ڏني ھئي، اسان ھزارين ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي جن ۾ 16 ھزار ويٽنگ لسٽ ۾ ويٺل آھيون، ھنن چيو ته 40 ھزار کان مٿي پوليس کاتي ۾ جايون خالي آھن، اسان کي آفر آرڊر ڏنا وڃن اسان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھيون، انھي موقعي تي ڪراچي بار ڪائونسل جو صدر عامر نواز وڙائچ به مظاھرين وٽ پھتو جنھن يڪجھتي جو اظھار ڪيو، حڪومت کان اميدوارن جا مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.