جسم پاران بدامني ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڇنڇر تي ميرپورخاص ۾ ڌرڻي جو اعلان

 ٽنڊوآدم ( رپورٽ: گلشير سمون) جيئي سنڌ محاذ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياهه  تي والار ۽ معدني وسيلن تي قبضي ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف 19 جولاءِ  تي ميرپورخاص ۾  ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. انسلسلي ۾ جسم جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو ٽنڊو آدم پهچي پريس ڪلب ۾ اعلان ڪيو ۽ جاڳرتا لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ ٿيل ڪارنر گڏجاڻين ۽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رياض علي چانڊيو  چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن تي قبضن، آمريت ۽ ظلم خلاف 19 جولاءِ  تي ميرپور خاص ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. هن چيو ته  پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان تي سنڌ جو ناڻو خرچ ڪيو پيو وڃي جڏھن تـ سنڌ جا ماڻھو بک وگهي مرن پيا سنڌ اغوا انڊسٽري بڻجي وئي آھي. ٽنڊو آدم سميت سموري سنڌ ۾ منشيات ۽ آئيس نشي جو ڪاروبار پوليس ۽ سرڪار جي سرپرستي ۾ هلي پيو جنهن سان پيپلزپارٽي پوليس ۽ ٻين رياستي ادارن توڙي سگھارن فردن جو روزانو اربين روپين جو ڪاروبار پيو ٿئي. هن چيو ته ڪي قوتون مذھب جي نالي تي ٻارڙن کي اغوا پيون ڪن اسان مذھبي انتها پسندي ۽ جنونيت جو خاتمو چاهيون ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪري مقامي ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي۔ هڪ سازش تحت ڌاڙيلن کي پاليو ويو ۽ ڪيٽيون ٺاهيون ويون۔ ماحولياتي بربادي ڪندي اسان کي بکيو رکيو پيو وڃي. ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي عبدالغفار ميرجت، اياز سولنگي، پرويز چانڊيو، منٺار چولياڻي ۽ ٻيا موجود هئا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.