ڪي فور منصوبي ۾ اربين رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري منصوبي ڪي فور ۾ اربين رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي 2022-23 جي رپورٽ موجب ڪي فور منصوبي ۾ اربين رپين جون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن، رپورٽ مطابق پمپنگ اسٽيشن لاءِ 5 کان 7 ارب رپين کان وڌيڪ جا 2 ٺيڪا ڏنا ويا، هڪ ٺيڪو نجي ڪمپني کي 15 ارب 39 ڪروڙ رپين جي لاڳت تي ڏنو ويو، جڏهن ته ٺيڪي جو تخمينو 10 ارب 24 ڪروڙ رپيا هو، ٻيو ٺيڪو 15 ارب 84 ڪروڙ رپين ۾ ڏنو ويو، جڏهن ته ٺيڪي جو ڪاٿو 8 ارب 94 ڪروڙ رپيا هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ٻولين جون قيمتون انجنيئر جي لڳايل لاڳت ۽ پي سي ون جي منظوري کان وڌيڪ هيون، انهن ٻولين کي رد ڪيو  وڃي ها پر ائين نه ڪيو ويو، ٺيڪا غير منصفاڻا ۽ بنا جواز هئا، پيپرا رولز تحت انهن کي رد ڪرڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.