اسلام آباد(بيورو+م ڊ)ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ پاڪستان پيپلزپارٽي جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ پنهنجي استعيفيٰ جي متن ۾ لکيو آهي ته هو پارٽي سياست مان مڪمل طور تي الڳ ٿي رهيو آهي، واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ ان کان اڳ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شامل رهيو، جتي هو اهم عهدن تي به فائز رهيو آهي، هو اڳوڻو گورنر بلوچستان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير به رهي چڪو آهي.