پيپلز پارٽي سرڪار لاقانونيت کي هٿي ڏني آهي: وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني آهي، سنڌ اندر ڌاڙيلن جي حڪمراني آهي، پوليس ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ بدران ڳوٺاڻن مٿان ڊرون حملا ڪري رهي آهي، پوليس ڌاڙيلن جي سرپرستي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اغوائن ۽ قتلن جي واقعن مان پوليس پئسا ڪمائي رهي آهي، سنڌ سرڪار پوليس کي ڌاڙيلن جو سهولتڪار ادارو بڻائي ڇڏيو آهي، ڌاڙيلن کي سرڪاري سردارن جي سرپرستي ۾ هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي نيٽو جي اسمگل ٿيل هٿيارن جي فراهمي متعلق جاچ ڪرڻ لاءِ اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.