ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اجرڪ واري نئين نمبر پليٽ تي سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي بحث مباحثي جو سلسلسو جاري آهي،ٽوئيٽر تي سوشل ميڊيا صارف سوال اٿاري رهيا آهن ته ٽريفڪ پوليس رڳو موٽرسائيڪل سوارن کي چالان ڪري رهي آهي،وڏين گاڏين ۽ ويگو ڊالن کي ته رڳو سليوٽ ڪري اڳتي ڪيو وڃي ٿو،صارف سيد مونس جاويد لکيو ته ڪراچي ۾ اجرڪ نمبر پليٽ قانون بڻائڻ واري پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير جي پٽ لگزري گاڏي تي اجرڪ نمبر پليٽ ڇو ناهي لڳائي،نئين نمبر پليٽ جو ڍونگ رڳو عام عوام جي عزت نفس چٿڻ لاءِ آهي؟ ڇا ٽريفڪ پوليس صوبائي وزير جي پٽ جو چالان ڪندي يا ائين ئي منافقت جاري رهندي؟هن لکيو ته پ پ ڪراچي واسين جو استحصال ڪري رهي آهي،اندرين سنڌ ۾ ته اهڙي ڪارروائي نظر نه پئي اچي،زاهد منصوري هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوان جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اسان جي ڏهاڙي هڪ هزار رپيا آهي ۽ چالان ۽ نمبرپليٽ جي رقم هڪ هزار ۽ 2500 رپين تائين آهي اسان ڪٿان آڻيون؟ڪراچي جا روڊ ته تباهه لڳا پيا آهن،ڪراچائيٽ نالي هڪ پيج تي لکيل آهي ته اسان سنڌي اجرڪ نمبر پليٽ خلاف نه ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون،سنڌ حڪومت ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري،جن وٽ ٽوڪن آهي انهن تي ڏنڊ نه لڳايو وڃي،زهير حيدر لکيو ته اجرڪ سنڌ جي ثقافت آهي مڃيوسين،سنڌي ثقافت اکين تي پر ان ثقافت کي پئسن ۾ ته نه وڪڻو،عائشه خان لکيو ته اجرڪ صدين پراڻي تهذيب ۽ سڃاڻپ آهي،جيڪو ڪجهه ذهنن کي هضم نه پيو ٿئي،نمبر پليٽ تي اجرڪ لڳي ته قانون ياد اچي ويو؟حسيب الاهي لکيو ته بائيڪ جي نمبر پليٽ تي مٿان اجرڪ لڳايو هيٺيان ڀٽو جي تصوير مون کي ڪو اعتراض ناهي سنڌ حڪومت ڀلي شوق پورو ڪري، پر پنهنجي خرچ تي موٽرسائيڪل خريدڻ وقت نمبر پليٽ جي قيمت ادا ڪري ڇڏي آهي،بلاول لکيو ته پنهنجي اصل مسئلن کي ڇڏي رڳو اجرڪ واري ماسڪ ۽ اجرڪ واري نمبر پليٽ تي خوش ٿيندا رهو،راحت خان لکيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي ڪرپشن ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ زبان جي تعصب کي هٿي ڏئي سنڌ ۾ باهه ڏئي رهي آهي
نمبر پليٽس ۽ رجسٽريشن لاءِ 14 آگسٽ تائين رعايت ڏني وئي آهي:مڪيش چاولا
ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي ڳجھي ڄاڻ جي بنياد تي ميرين سيڪيورٽي ايجنسي سان گڏجي گذريل ڏينهن سال جي سڀ کان وڏي منشيات مخالف ڪارروائي ڪئي. جنهن دوران 7 ارب رپين جي ماليت واري 500 ڪلو اعليٰ معيار جي چرس، 100 ڪلو ڪرسٽل آئس ۽ عالمي سطح تي مشهور برانڊ جي 2100 شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون. انهن منشيات جي ذريعي پنج لک کان وڌيڪ ماڻهو سڌي طرح متاثر ٿي سگهن ها. اهو ڳالھ صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ مڪيش ڪمار چاولا، ميرين سيڪيورٽي ايجنسي جي آفيسرن سان گڏ ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ايڪسائيز سنڌ ابوالاعليٰ، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ اورنگزيب پنهور ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا. نمبر پليٽ بابت سوال جي جواب ۾ مڪيش چاولا چيو ته ڪجهه ماڻهن کي "اجرڪ فوبيا” ٿي وئي آهي. سنڌ اندر ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪڙو ئي قانون لاڳو آهي. هن ٻڌايو ته سڪيورٽي فيچر نمبر پليٽس جو خيال 2011 ۾ آيو هو، پر 11 سال تائين اسٽَي ان ڪري لڳو جو شايد "اجرڪ فوبيا” هئي. اجرڪ ته سنڌ جي ثقافت آهي، ۽ سنڌ جي گاڏين جي نمبر پليٽ تي اجرڪ جو ڊزائن ضرور لڳندو. هن ٻيهر ورجايو ته نمبر پليٽس ۽ رجسٽريشن لاءِ 14 آگسٽ تائين رعايت ڏني وئي آهي، ۽ ان تاريخ تائين نمبر پليٽ بابت ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي.
ايم ڪيو ايم کي اجرڪ فوبيا ٿي وئي آهي: سنڌ حڪومت ترجمان
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضل سيد ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيوآهي ته ايم ڪيو ايم کي اجرڪ فوبيا ٿي ويو آهي، سنڌ جي ثقافت تي آڱر کڻڻ وارا ڄاڻي وٺن ته اجرڪ اسان جي سڃاڻپ آهي، ان تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، ايم ڪيو ايم نفرت ۽ تعصب واري سياست ڇڏي، سنڌ جي عوام جي حقيقي خدمت ڪري، هن چيو ته جن نمبر پليٽن تي اعتراض ٿي رهيو آهي، انهن جي مدد سان آساني سان ڪنهن به گاڏي جي اصل يا جعلي سڃاڻپ جي سڃاڻپ ممڪن ٿيندي.
اجرڪ واري نمبر پليٽ خلاف احتجاج ڪنداسين:فاروق ستار
ڪراچي(م ڊ)ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته پ پ اجرڪ ڏيکاري ووٽ وٺڻ جي تياري ڪري رهي آهي،نمبر پليٽ موجود آهي ته اجرڪ واري نمبر پليٽ ڇو؟ايم ڪيو ايم پاڪستان ان تي احتجاج ڪندي،هن چيو ته نمبر پليٽ تي پاڪستاني جهنڊو يا قائداعظم جو قول لڳائي ڇڏيو،مڪاني کاتن واري وزير تباهه حال عمارتن تي ڪيترا اجلاس ڪيا؟سعيد غني کي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي،هن چيو ته پ پ وارا ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادتن کي وڪڻي رهيا آهن
سنڌ ۾ ٽريفڪ قانون جي ٻٽي معيار تي سوال اٿڻ لڳا
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچيءَ ۾ موٽر سائيڪلن تي نمبر پليٽن جي سختيءَ جي دعويٰ باوجود گمبٽ مان هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون بنا نمبر پليٽ جي نظر اچي رهيون آهن. وڊيو ٺاهيندڙ ڪراچي جي شهري موجب، هوٽل ٻاهران بيهاريل نين ۽ پراڻين بائيڪن تي نمبر پليٽ ناهي. وڊيو ٽريفڪ پوليس جي لاپرواهي ۽ ٻٽي پاليسي کي ظاهر ڪري ٿي. سوال اٿي رهيو آهي ته جڏهن ڪراچيءَ ۾ نمبر پليٽ نه هجڻ تي ڏنڊ ۽ موٽر سائيڪلون بند ٿي سگهن ٿيون، ته پوءِ گمبٽ جهڙن شهرن ۾ پوليس خاموش ڇو آهي؟