ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس نوجوان تي تشدد واري ڪيس ۾ نامزد سلمان فاروقي خلاف ڪيس ختم ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ڊفينس ۾ نوجوان تي تشدد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس عدالت کي ڪيس بابت آگاهه ڪيو.
ٻڌڻي دوران پوليس ٻڌايو ته تشدد واري ڪيس ۾ سلمان فاروقي خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گزري پوليس ڪيس ختم ڪرڻ جي رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي.
پوليس رپورٽ موجبم متاثر نوجوان ڌيرج عرف ڌن راج جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي نٿو چاهي ۽ هن لکت ۾ ڏنو آهي ته جوابدارن هن سان يا سندس ڀيڻ سان ڪا به بدتميزي ڪئي.
پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فريادي جي حلفيه بيان جي بنياد تي موتمار ڌمڪي ۽ ٻيا الزام ختم ڪيا ويا آهن.
عدالت بعد ۾ پوليس جي رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
واقعي جو پس منظر
واضح رهي ته گذريل مهيني اڳ ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان تي سندس ڀينرن جي سامهون تشدد ڪرڻ جي الزام ۾ جوابدار سلمان فاروقي کي گرفتار ڪيو ويو هو.
اِهو واقعو ڊفينس جي خيابانِ اتحاد واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي مبينا طور موٽرسائيڪل کي ٽڪرائڻ تان ڪار سوار سلمان فاروقي نوجوان تي تشدد ڪيو، جوابدار متاثر شهريءَ جي ڀيڻ جي منٿن باوجود سندس ڀاءُ تي تشدد جاري رکيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.