لارڊز ٽيسٽ ۾ ظابطن جي ڀڃڪڙي، آءِ سي سي جو ڀارتي ڪرڪيٽر تي ڏنڊ

لارڊز (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر محمد سراج تي لارڊز ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن آءِ سي سي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، محمد سراج آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.5 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تحت مٿس ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو.
محمد سراج گذريل ڏينهن انگلش بيٽر بين ڊڪٽ جي آئوٽ ٿيڻ جو جشن ملهائيندي بيٽر خلاف جارحاڻي رويو اختيار ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو مٿس ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، پر سندس ڊسپلينري رڪارڊ ۾ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ شامل ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ لارڊز ٽيسٽ ميچ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.