حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مبينا قاتل پُٽ پيءُ کي قتل ڪرڻ واري اعترافي بيان تان ڦري ويو.
لطيف آڪاش انصاري پهريون ڀيرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته کيس سندس پيءُ جي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي.
هن الزام هنيو ته کيس ملڪيت جي معاملي سبب سياسي ۽ ذاتي مخالفتن تحت ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس ماءُ هن وقت عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي.
صحافين طرفان جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هن قتل جو اعتراف ڪيو هو، جنهن هن چيو ته اها قبولداري هن ڪنهن مجبوري ۾ ڪئي هئي. هن دعويٰ ڪئي ته سندس مخالفن سندس ڀيڻ کي طلاق جي ڌمڪيون ڏئي کيس پنهنجي پاسي ڪري ورتو آهي.