ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان کي سندس ڀينرن جي سامهون تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار سلمان فاروقي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته واقعو ڊفينس جي خيابان اتحاد واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي مبينا طور موٽرسائيڪل کي ٽڪرائڻ تان ڪار سوار سلمان فاروقي نوجوان تي تشدد ڪيو، جوابدار متاثر شهريءَ جي ڀيڻ جي منٿن باوجود سندس ڀاءُ تي تشدد جاري رکيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري گذري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، سندس آفيس ۽ گهر تي به ڇاپا هنيا ويا.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب سلمان فاروقي شهري تي تشدد ۾ ملوث آهي، وڊيو ثبوت به سامهون آيا آهن ۽ کيس 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويندو.
ڊي آءِ جي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيس واقعي جي وڊيو رڪارڊ ڪندڙ شهري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر سان به رابطو ڪيو پيو وڃي.