ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس فيز 6 جي هڪ فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل اداڪارا حُميرا اصغر جي موت بابت جاچ جاري آهي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو ته لاش جي خراب ٿيڻ جي ڌَپ عام طور تي 5 کان 40 ڏينهن تائين هوندي آهي ۽ ان دوران حُميرا جا پاڙيسري به پنهنجي فليٽ ۾ نه هئا.
اسد رضا موجب، حُميرا جي پاڙي وارو فليٽ به ڪافي عرصي کان خالي هو ۽ جتي اداڪارا جو لاش پيو هو، اتي ڀر واري ڪمري ۾ واش روم جي دري کليل هئي، ٿي سگهي ٿو دريءَ وسيلي لاش جي ڌَپ ٻاهر نڪرندي رهي هجي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ هو ته فليٽ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي، چوڪيدار ۽ پاڙيسرين کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو، حُميرا اصغر ڪراچيءَ کان لاهور سفر ڪندي رهندي هئي، ٿي سگهي ٿو ته ماڻهن سمجهيو هجي ته هوءَ لاهور وئي آهي.
اسد رضا موجب، اسان سمجهون ٿا ته اهو واقعو 7 آڪٽوبر 2024ع تي پيش آيو، ان واقعي کان ٽي ڏينهن پوءِ هڪ ڀيرو چوڪيدار حُميرا کي فون به ڪيو پر جواب نه آيو، 7 آڪٽوبر کان پوءِ حُميرا جي هڪ دوست به کيس هڪ ڀيرو ڪال ڪئي.
You might also like