ملڪ ۾ رڳو حڪمران ۽ شگر مل مافيا فائدي ۾ آهن:حافظ نعيم

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪمرانن کي قومي چونڊن دوران گهريلو صارفين کي مفت بجلي ۽ سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ جي وڏن واعدن ۽ دعوائن جي ياد ڏياري آهي، ۽ سوال ڪيو آهي ته ڏيڍ سال اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود عوام سان ڪيل انهن واعدن جو ڇا ٿيو؟جماعت اسلامي جي امير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ ٻين حڪمران پارٽين جا اڳواڻ پنهنجي چونڊ مهم دوران 300 يونٽ تائين مفت بجلي جي آڇ ڪري رهيا آهن. هن  چيو ته مفت بجلي جا سندن دعوائون ۽ واعدا ڪٿي ويا؟ اڄ مهانگي ترين بجلي معيشت کي بيهاري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن لاءِ زندگي گذارڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. صرف حڪمرانن ۽ انهن جي شگر مل مافيا کي فائدو ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته حڪمران طبقي کان سواءِ، عوام، هاري ۽ صنعتڪار سڀ نقصان ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.