نئين نمبر پليٽ اسڪيم تي بي بنياد واويلا ٿئي پئي:سنڌ سرڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ وٽ ڪافي وسيلا آهن. وفاقي حڪومت پاران اختيار ڪيل پاليسين جي ڪري صوبي جي توانائي شعبي جي ترقي سخت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت ٿر جي مستحق رهواسين لاءِ 200 يونٽن تائين بجلي جا بل پڻ ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ ٻه نوان سولر پارڪ ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. هن  چيو ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي، گڊو ۽ سکر بئراجن تي گهٽ سطح جي ٻوڏ جون رپورٽون آهن. سنڌ آبپاشي کاتو ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سڀني بئراجن، بندن ۽ حساس علائقن جي ويجهڙائي سان نگراني ڪري رهيا آهن. هن اهو به چيو ته نئين گاڏين جي نمبر پليٽ اسڪيم تي بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هي اسڪيم رجسٽريشن جي عمل کي جديد بڻائڻ، ڏوهن کي روڪڻ ۽ گاڏين جي چوري جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.