ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ انصاف هائوس ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ هن وقت پنهنجي تاريخ جي بدترين سياسي ۽ آئيني بحران مان گذري رهيو آهي، 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ، عدليه جي آزادي کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ قانون جي حڪمراني کي دفن ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ميڊيا جي آزادي مڪمل طور تي کسي وئي آهي ۽ سياسي مداخلت ذريعي انصاف کي دفن ڪيو پيو وڃي، عدليه کي غلام بڻايو ويو آهي، هن چيو ته عمران خان جو ڪيس به انصاف جي تقاضائن موجب ٻڌو نه پيو وڃي، عمران خان کي ناحق سزا ڏني وئي ،هن چيو ته عمران خان جي آزادي لاءِ جدوجهد فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ فيصلائتي تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، هر صوبي جي عوام بيدار ٿي چڪي آهي 5 آگسٽ جو احتجاج ملڪ جو تاريخي احتجاج هوندو پي ٽي آئي عمران خان، پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي آزاد ٿيڻ تائين پوئتي نه هٽندا جيڪڏهن عدالتون انصاف نه ڏين ته اسان وٽ روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. جيڪڏهن عمران خان حڪم ڪيو ته اسان اڊيالا جيل يا اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين.