ايوان صدر ۾ تبديلي جي رٿا برقرار،بلاول ڀٽو جي وزيراعظم بڻجڻ جا امڪان ختم؟

اسلام آباد (قربان بلوچ) ايوان صدر ۾ تبديلين جي حوالي سان پلان تبديل ناهي ٿيو پر ملتوي ٿيو آهي، ان کان اڳ فاٽا معاملو، ڪي پي حڪمراني، سينيٽ چونڊون، وفاق ۾ قومي حڪومت جو قيام ٿيندو. صدر کي ڪنهن اختلافن جي ڪري نه پر سادي درخواست ڪئي وئي هئي ته هو هاڻي آرام ڪري جو سندس صحت اهڙي ناهي جو ڊگهيون گڏجاڻيون ڪري سگهي، سندس پارٽي سربراهه طور ڪردار رهندو. صوبائي وزير ناصر شاهه ٻه ڏينهن اڳ ايوان صدر ۾ صد آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي،سوشل ميڊيا تي صحافين صوبائي وزير جي حوالي سان هڪ موقف لکيو آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي صدر جي عهدي تان هٽجڻ تي اعتراض نٿي ڪري. ان جي بدلي ۾ بلاول ڀٽو لاءِ وزارت اعظميٰ گهري وئي، بدلي ۾ پيپلزپارٽي کي وزارت اعظميٰ ڏني وڃي. پر شهباز شريف جي هوندي بلاول ڀٽو زرداري هن عهدي تي نه آندو ويندو جڏهن ته پيپلزپارٽي شهباز ڪابينا ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن وقت ڪا به پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان ڏيتي ليتي جي پوزيشن ۾ ناهي، سڀ پارٽيون قومي مفاد ۾ جيڪو چيو ويندو ائين ئي ڪرڻو پوندو،پيپلز پارٽي ڪنهن به حوالي سان اقتدار مان مائنس نه ٿي رهي آهي،هن وقت اها سوچ به هلي رهي آهي ته رڳو سينيٽ جو ايوان برقرار رکيو وڃي .

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 14 جولاءِ2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.