مطيع الله جان ۽ اسد طور جي يوٽيوب چينلن کي بند ڪرن جو حڪم معطل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻن يوٽيوب چينلن جي حد تائين بندش جو حڪم  معطل ڪندي نيشنل ڪرائم ايجنسي کي 21 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي،ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت صحافين مطيع الله جان ۽ اسد طور جي يوٽيوب چينلن جي بندش جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا صحافين جي اپيل منظور ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو آهي،عدالت، مئجسٽريٽ طرفان مطيع الله جان ۽ اسد طور جا چينل بلاڪ ڪرڻ جو حڪم معطل ڪندي نيشنل ڪرائم ايجنسي کي 21 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي،حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صحافين پنهنجي درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ته نه رڳو انهن کي ٻڌو نه ويو، پر نوٽيس به نه مليو ۽ آرٽيڪل 10-A تحت شفاف ٽرائل جا تقاضا پورا نه ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.