ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان ۾ زرعي زمينن لاءِ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف سنڌ آبادگار بورڊ طرفان احتجاجي تحريڪ هلائڻ لاءِ آبادگارن سان رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن سرمد بشير نظاماڻي، عبدالجليل نظاماڻي، علي مردان شاھ، شاهجهان عباسي، شبير احمد ميمڻ، عبدالحفيط نظاماڻي، نظام الدين جڳسي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌو دريا ۾ پاڻي جي شديد کوٽ کانپوءِ هاڻي وچولي درجي جي هيٺين سطح تي ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڻي اچڻ باوجود ڦليلي ڪئنال ۾ پاڻي کي روڪڻ سان سنڌ جي پنجن ضلعن حيدرآباد ، ٽنڊو محمد خان ، بدين ، ٺٽو ، سجاول ۽ سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ ڪيل پوکائي متاثر ٿيڻ سان گڏ آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ ڦليلي ڪئنال مان ڪيترائي ننڍا وڏا واھ نڪرن ٿا جنهن ۾ پاڻي جي فراهمي باوجود ڪيل وارا بندي آبپاشي کاتي جي طرفان لاپرواهي جو مظاهرو آهي ، جنهن جي ڪري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين اعلى اختيارين کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ، سنڌ جي اندر سارين سان گڏ ڀاڄين جا فصل پاڻي جي کوٽ جي ڪري متاثر ٿيڻ ۽ پوکائي ڪيل ٻج ناڪارا بڻجي پوکائي محروم ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري ڦليلي ڪئنال ۾ پاڻي جي سطح فوري طور وڌائي نه وئي ته پاڻي جي فراهمي جو اشو مڪمل نه ڪيو ويو ته سنڌ آبادگار بورڊ طرفان آبپاشي کاتي جي ناقص پاليسي خلاف سڄي سنڌ ۾ آبادگار احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا جنهن لاءِ آبادگارن سان رابطا مهم جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي.