ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ جوڙ ٽوڙ، پ پ وفد فضل الرحمان وٽ پهتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ چونڊن کان اڳ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي  جي وفد جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خيبرپختونخوا جي سينيٽ چونڊن بابت صلاح مشورا ڪيا ويا. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سيد خورشيد شاهه، ظاهر شاهه، اڪرم دراني، مولانا لطف الرحمان، مولانا اسعد محمود، زاهد دراني، اسجد محمود ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف اندروني اختلافن جو شڪار آهي، اسان اپوزيشن پارٽين سان گڏجي خيبرپختونخوا جي سينيٽ چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته سياست ۽ اليڪشن ۾ اتحاد ٺهندا ۽ ٽٽندا رهندا آهن، مولانا فضل الرحمان وٽ اڳ به تحريڪ انصاف جا ماڻهو ايندا رهيا آهن، تنهنڪري اهڙيون ملاقاتون عام ڳالهه آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اپوزيشن جماعتون اي اين پي، جي يو آءِ، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ اپوزيشن پارٽيون گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي ڏاکڻن ضلعن ۾ جيڪو علي امين گنڊاپور جو پنهنجو تر آهي اتي شام کانپوءِ دهشتگرد روڊن تي نڪري ايندا آهن، بلوچستان ۾ به افسوسناڪ واقعا پيش اچي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.