ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر محمد شبير قريشي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائيڇڏي آهي، جنهن ۾ لياريءَ جي المناڪ واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته 27 بيگناهه شهرين جي حياتين جو ضايع ٿيڻ افسوسناڪ آهي، غفلت ڪندڙ عملدارن جو تعين ڪيو وڃي. قرارداد جي متن موجب ڪراچيءَ ۾ مختلف وقتن تي عمارتون ڪرڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. سو کان وڌيڪ شهرين جون جانيون عمارتن جي ڪرڻ سبب ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪراچيءَ ۾ عمارتون ڪرڻ جا وڌندڙ واقعا انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ذميوارن جا اثاثا چڪاس ڪيا وڃن. جن آفيسرن ڪرپشن ڪئي ۽ لاپرواهي ڪئي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اسيمبلي جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا اهڙن واقعن جو جائزو وٺي. قرارداد ذريعي اسيمبليءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ غيرقانوني عمارتن جي اڏاوت تي بحث ڪيو وڃي. شبير قريشي چيو ته ڪراچي جي شهرين جي تحفظ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.