نٿو چاهيان ته پاڪ ڀارت جا ايندڙ نسل ڪشمير،دهشت گردي ۽ پاڻي تي وڙهن:بلاول

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو واضح طور چيو آهي ته پاڪستان پالگهام حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ گروهه خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر ڀارت کي به بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ مجيد بريگيڊ جهڙندهشتگرد گروهن بابت پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻو پوندو. ٻنهي ملڪن کي الزام تراشيءَ بدران دهشتگردي جي مسئلي تي صاف ۽ بيباڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر کي ڏنل تفصيلي انٽرويو دوران بلاول ڀٽو ڪرن ٿاپر جي سخت سوالن جا پرامن ۽ نرم لهجي ۾ جواب ڏيندي کيس بار بار "يار” ۽ "ڀاءُ” سڏي مخاطب ڪيو. هن چيو ته ماضي جون تڪليفون پنهنجي جاءِ تي، پر موجوده نسل هڪ نئين سوچ جي طلبگار آهي، تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي اڳتي وڌڻو پوندو. هن پهلگام حملي جي متاثرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي ياد ڏياريو ته هو پاڻ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس والده بينظير ڀٽو به دهشتگرديءَ جي خلاف وڙهندي شهيد ٿي.بلاول ڀٽو انٽرويو ۾ لشڪرِ طيبه ۽ جيشِ محمد جهڙن گروهن بابت چيو ته انهن جي شروعات افغان جهاد ۽ ٿڌي جنگ جي دور ۾ ٿي. سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري جي حڪومت انهن گروهن خلاف ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪيا، پوءِ نيشنل ايڪشن پلان جوڙي فيٽف جون گهرجون پوريون ڪيون، جن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. بلاول ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۽ 80 کان مٿي تنظيمون تي پابنديون لاڳو ڪيون، جڏهن⁠تہ مالي سهڪار بابت 2645 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان 549 ماڻهن کي سزائون مليون، جن ۾ حافظ سعيد کي به 31 سال قيد جي سزا شامل آهي.ڪرن ٿاپر پرويز مشرف، ممبئي حملي، مريدڪي حملي ۽ لشڪرِ طيبه جي سرگرمين بابت بار بار سوال ڪيا، ۽ چيو ته اهڙن گروهن کي پاڪستان جي رياستي سرپرستي حاصل آهي. بلاول ڀٽو هن دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته مشرف هڪ آمر هو، سندس پاليسيون نه پيپلز پارٽي جون هيون، نه بينظير ڀٽو جون. بلاول واضح ڪيو ته ممبئي ڪيس اڃا به التوا ۾ آهي، جڏهن⁠تہ ڀارت شاهدن ۽ ثبوتن جي فراهميءَ ۾ سنجيده ناهي. هن تجويز ڏني ته ڀارت وڊيو لنڪ يا ميڊيا ذريعي ڳالهائڻ بدران قانوني طريقي سان تعاون ڪري ته جيئن انصاف ٿي سگهي.بلاول ڀٽو پالگهام حملي جي ذميواري وٺندڙ "دي رزسٽينس فرنٽ” جي پاڪستان سان مبينا لاڳاپن جي ڀارتي دعويٰ کي به رد ڪيو، ۽ چيو ته پاڪستان اهڙن گروهن خلاف مڪمل ڪارروائيءَ لاءِ تيار آهي، پر ڀارت کي به بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ خلاف اهڙي ئي سطح تي ساڻس تعاون ڪرڻو پوندو. هن زور ڀري چيو ته دهشتگردي هاڻي صرف پاڪستان نه پر ڀارت لاءِ به وڏو خطرو بڻجي وئي آهي، تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي گڏجي حل ڳولڻو پوندو،بلاول ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ خاص طور تي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي ٻئي ملڪ اڳتي وڌن ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي دشمن ناهن نه ئي اهي سڀ ماڻهو دهشت گرد آهن،ڪرن ٿاپر جڏهن حافظ عبدالرؤف جي جنازي ۾ فوجي آفيسرن جي مبينا شرڪت ۽ ڪجهه دهشتگردن جي پاڪستاني سيڪيورٽي اداري جي قبضي ۾ هجڻ جا مثال ڏنا، ته بلاول چيو ته کيس انهن سڀني ماڻهن جي تفصيلن جو علم ناهي، پر جيڪڏهن ثبوت موجود آهن ته ڀارت قانوني طور تي پيش ڪري. بلاول ياد ڏياريو ته ڀارت سمجوتا ايڪسپريس ۾ مارجي ويل 40 پاڪستانين جي ڪيس ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ڪئي آهي، بلڪه اعترافي جواب ڏيندڙن کي بيان واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو،پاڪستان لشڪر طيبه ۽ جيش محمد خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي،مسعود اظهر پاڪستان ۾ ناهي،هن چيو ته اڄ به ڀارتي وزيراعظم ۽ هن جي حڪومت پاڪستان جي 24 ڪروڙ ماڻهن جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي اهي،ڇا هو انڊس سولائزيشن جا دشمن بڻجي ويا آهن جيڪا گانڌي ۽ ڀارت جي فلاسفي جي ئي خلاف آهي،پاڪستان ڪنهن به گروهه کي ڀارت تي حملي جي اجازت ناهي ڏني، پاڪستان دنيا جي وڏي ۾ وڏي دهشتگرديءَ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. پاڪستان جا هٿ صاف هئا، تنهنڪري اسان پهلگام حملي جي شفاف جاچ جي آڇ ڪئي، جيڪڏهن دهشتگرد پاڪستاني هئا ته پوءِ انهن جا نالا سامهون ڇو نه آيا؟ هن چيو مان نٿو چاهيان ته ٻنهي ملڪن جو نوجوان نسل ماضيءَ ۾ ڦاٿل رهي، ننڍي کنڊ ۾ دهشتگرديءَ جون پاڙون افغانستان جي ماضي سان لاڳاپيل آهن، پاڪستان ڪنهن به گروهه کي ڀارت تي حملي جي اجازت ناهي ڏني، پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ لڳ ڀڳ 92 هزار جانيون قربان ڪري چڪو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پاڻ دهشتگرديءَ جو شڪار آهيون، پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا هن سال به جاري آهن، دهشتگرديءَ جي حوالي سان هي سال پاڪستان جي تاريخ جو بدترين سال آهي، تنهنڪري اسان پهلگام حملي جي تڪليف، متاثرن جو ڏک ۽ خوف محسوس ڪري سگهون ٿا. ان کانپوءِ ايڪس تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڀارتي ميڊيا جي وسيلي ڀارتي عوام جي سامهون پنهنجو موقف پيش ڪرڻ کان نٿا ڊڄون، مون ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ جو فيصلو ان ڪري نه ڪيو ته اتان منصفاڻي پليٽ فارم جي اميد هئي پر ان ڪري جو مون کي ڀارتي عوام، خاص ڪري نوجوانن تي يقين آهي. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ امن جي ڪوشش رڳو پاڪستان جي نه پر ٻنهي قومن جو گڏيل مشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.