ملڪ هن وقت نون سياسي شوشن ۽ افواهن جي ور چڙهيل آهي.جيڪو ڪجهه ٻڌون پيا يا سامهون ڏسي رهيا آهيون ظاهر آهي ته ملڪ ۾ ڪا ته سياسي کچڻي پچي رهي آهي ۽ ان مان ڪير فائدو وٺي سگهي ٿو ۽ ڪنهن کي واپس بلاول هائوس واپس روانو ٿيڻو آهي.نئين پچندڙ کچڻي بابت وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جو هڪ اڌ بيان سامهون آيو جنهن اها وضاحت ڪئي آهي ته ڪابه کچڻي پچي ناهي رهي نه وري ڪير صدارتي ايوان مان ٻاهر نڪرڻ وارو آهي.هن چيو ته جڏهن به سياسي قوتون حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ هڪ پئج تي ايندا آهن ملڪ مضبوطي طرف وک وڌائيندو آهي تڏهن سياسي کچڻي پچڻ وارا افواهه ڪر کڻندا آهن جنهن سان ملڪ مضبوط ٿيڻ بدران ڪمزوري طرف هليو ويندو آهي تنهنڪري ان قسم جي افواهن کان جيترو ممڪن هجي پاسو ڪجي.هي ته ٿيو محسن نقوي جو بيان پر هونئن به ملڪ جي جمهوريت پسند ماڻهوءَ جي خواهش رهندي آهي ته اسٽيبلشمنٽ حڪومت ۽ سياستدان هڪ پئج تي گڏ رهن ۽ ملڪ و قوم لاءِ ڪجهه ڪن.
جڏهن کان ملڪ جنگي حالتن کان ٻاهر نڪتو آهي ڀارت کي شڪست ملي آهي ۽ منير فيلڊ مارشل جو عهدو ماڻي آمريڪا جي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪري واپس وطن پهتو آهي ۽ ايران اسرائيل جنگبندي سامهون آئي آهي تنهن کانپوءِ ملڪ اندر سياسي چرپر ۾ تيزي آئي آهي ۽ 27 هين آئيني ترميم واريون ڳالهيون منظر عام تي آيون آهن بلڪه جاري و ساري آهن جن کي اشو بڻائي اهو تاثر پئدا ڪيو پيو وڃي ته سگهاريون قوتون صدر مملڪت جي طبعيت کي جواز بڻائي کيس عهدي تان الڳ ڪرڻ چاهين ٿيون.ساڳي وقت اهي به ڳالهيون هلن ٿيون ته ان عيوض پ پ پ کي وفاق ۾ مک وزارتون ملنديون جڏهن ته پ پ پ انجي عيوض بلاول ڀٽو کي وزيراعظم جو عهدو ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي جيڪا ڳالهه ن ليگ شايد ئي قبول ڪري ۽ هن عهدي تان هٿ کڻي.ڪجهه اينڪر ۽ سياسي ڌريون صدر آصف علي زرداري تي اها به تنقيد ڪري رهيا آهن ته هن جي ٻيهر صدر منتخب ٿيڻ سان پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ بڻجي چڪي آهي جنهن سان آئين جو هليو بگڙجي چڪو آهي جج سياسي بڻجي چڪا آهن جيڪي حڪومت جي مفاد وٽان فيصلا ڪن ٿا.
هن ئي پارليامينٽ هن ئي حڪومت پهريون ڀيرو فوج جي سربراهه کي آئيني طور سندس فوجي خدمات جو اعتراف ڪندي کيس فيلڊ مارشل جي عهدي لآءِ نامزد ڪيو جڏهن ته ماضي ۾ پهريون ڀيرو اهو اعزاز وقت جي فوجي سربراهه جنرل محمد ايوب خان ماڻيو هو ۽ هي اهو وقت هو جڏهن عوام ۾ سياسي شعور نه هو نه وري ڪا سياسي ڇڪتاڻ هئي نه وري ڪا عهدن جي مخالفت هوندي هئي.هن وقت عوام ۾ سياسي شعور آهي جيڪو هر ڳالهه ڀلي ڀت سمجهي ٿو. سيد عاصم منير جي فيلڊ مارشل بنجڻ واري قدم کي نه صرف پاڪستان اندر پر دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي سواءِ ملڪي مخالف ڌر جي جنهن تحفظات ظاهر ڪيا آهن ۽ تنقيد به ڪئي هئي.بهرحال ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان جي فوج هن وقت متحد ۽ طاقتور آهي جنهن کان پوري دنيا خوفزده آهي اهوئي سبب آهي پاڪ ڀارت جنگ ۾ ڀارت کي ڪجهه لمحن اندر ئي واپس ڀڄڻو پيو ۽ آمريڪا کي وچ ۾ آڻي جنگ بند ڪرائي وئي جڏهن ته ايران اسرائيل جنگ ۾ به پاڪستان جو مثبت ڪردار رهيو ۽ جنگ بندي عمل ۾ آئي جنهن کي وڏين طاقتن آمريڪا روس ۽ چين به ساراهيو.
پاڪستان ۾ ويجهڙائي وارين حالتن کانپوءِ پارليامينٽ اندر ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر سياست هڪ نئين موڙ طرف ايندي ڏٺي پئي وڃي.پ پ پ جي چيئرمن جنهن اهو مطالبو ڪيو هو ته سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن پنجاهه سيڪڙو وڌائي وڃي ۽ ترقياتي ڪمن لآءِ خاص گرانٽون رکيون وڃن ٻي حالت ۾ وفاقي بجيٽ پاس ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪا پاس به ٿي وئي جو پ پ پ بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنهن جو سبب اهو به آهي ته وفاق شهيد محترمه بينظير ڀٽو سپورٽ پروگرام لآءِ هن ڀيري وڌيڪ رقم مخصوص ڪئي آهي جڏهن ته سنڌ سميت بلوچستان جي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي پنجاهه سيڪڙو واڌ ڏيڻ وارو وعدو وفا ٿي نه سگهيو جنهن ڪري به پ پ کي عوامي سطح تي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ويجهڙائي ۾ ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تي سنڌ اندر پ پ پ کي سخت عوامي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو جنهن جو سخت ردعمل سامهون آيو سنڌ کان پنجاب ويندڙ سمورا لنگهه رستا بند رهيا جنهن سان پنجاب کي معاشي طور وڏو ڌڪ لڳو جيڪو پڻ وفاق کي قبول نه رهيو ۽ اهڙي قسم جي اڳتي هلي به ڪا رڪاوٽ سامهون اچي جنهن ڪري به وفاق هن وقت پ پ پ کان ڪجهه پاسيرو رهڻ چاهي ٿو.ن ليگ کي اهي هدايتون مليل آهن ته اها پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لآءِ ڪجهه نرم رويا رکي ڪري پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪري سياسي اتحاد ڪري پر پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان شايد ئي ان طرف وڃي هن ته اڳ ۾ ئي ملڪي سطح تي احتجاج جو فيصلو ڪري چڪو آهي صرف اعلان ۽ وقت جو انتظار آهي.پ پ پ جي به ڪجهه اهڙي سوچ آهي جيڪا پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ اتحاد ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪجهه ڌريون پ پ پ پي ٽي آءِ اتحاد ۾ راضي ناهن اقتدار ن ليگ وٽ رهڻ ڏسن ٿيون.
محرم الحرام هجڻ ڪري سياسي ماٺار هئي جيڪا هاڻ سرگرم ٿيندي نظر اچي ٿي.اهي خبرون عام آهن ۽ گردش پيون ڪن ته 26 هين ترميم جي ڪامياب نتيجن بعد هاڻ 27 هين ترميم آڻڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن.26 هين ترميم جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جي 13 ججن وارو فيصلو جنهن ۾ مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ حوالي ڪيون ويون هيون تنهن کي آئيني بئنچ ڌوئي ڪري ڇڏيو آهي هاڻ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اهي سيٽون ن ليگ پ پ پ ۽ جي يو آءِ کي ٻيهر ملنديون جنهن سان ن ليگ جي اڪثريت ۾ اضافو ٿيندي ۽ هن فيصلي کي نظر ۾ رکندي ن ليگ ۽ سندس اتحادين 27 هين ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ پارليامينٽ جو مدو ڏهن سال ڪرڻ ۽ صدر جي مقرري لآءِ ڪجهه نوان طور طريقا سامهون آڻڻ ۽ کيس ماضي جيان بااختيار بنائڻ آهي.اهي به خبرون آهن جيڪڏهن پي ٽي آءِ رويا تبديل نه ڪيا ته انجي وڏي انگ ۾ اسيمبلي ميمبرن کي نااهل ڪرائي نيون ضمني چونڊون ڪرايون وينديون ته جيئن ن ليگ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي سگهي.اهڙي صورت ۾ ميان محمد نواز شريف کي وزيراعظم يا صدر منتخب ڪرايو ويندو.جيڪڏهن آصف علي زرداري صدارت تان هٽي ٿو ۽ وزيراعظم وارو عهدو بلاول ڀٽو کي نٿو ڏنو وڃي ته پ پ پ ن ليگ سان اتحاد ٽوڙيندي پنهجا گورنر سينيٽ چيئرمن واپس گهرائيندي جنهن سان ن ليگ پنهنجي اقتدار کي ڏهن سالن تائين ڊيگهه ته ڏياري سگهي ٿي پر سک جو ساهه شايد ئي کڻي سگهي جو اڳتي هلي پي ٽي آءِ پ پ جي يو آءِ ۽ جو ٻين حڪومت مخالف پارٽين جو گرينڊ اتحاد ٺهي.اهي به قياس آرائيون آهن ته 27 هين ترميم بعد صدارتي عهدو ڪنهن سگهاري شخصيت حوالي ٿئي ۽ وقت جي سياسي حڪومت جو رڳو وجود رهي باقي اختيار وٽس نه هجن.عوامي ۽ سياسي حلقن جي رآءِ آهي ته 27 هين آئيني ترميم جمهوريت جي مڪمل تڏا ويڙهه ۽ آمريت کي مٿان مڙهڻ برابر هوندي جنهن کي سياسي ڌريون ۽ عوام شايد ئي قبولي.
ن ليگ سربراهه ميان محمد نواز شريف جيڪو هن وقت علاج ۽ آرام جي بهاني ايون فيلڊس لنڊن ۾ ترسيل آهي اهو پاڪستان جي سياسي ۽ تڪڙي تبديل ٿيندڙ حالتن کي گهر نظر سان ڏسي رهيو آهي ۽ 27 هين ترميم جي پس منظر ۾ رهندڙ ڪنهن به سياسي حڪومت جنهن ۾ ملڪ جو صدر ڪو سگهاري قوت ٿئي انجو حصو شايد ئي قبول ڪري نه وري ڏهن سالن تائين پارليامينٽ جو وجود قبوليندو.اهي به سوال اٿن ٿا ته اهڙي نئين آئيني ترميم بعد هو پنهنجي نياڻي کي اجازت ڏيندو ته اها پنجاب جي وزيراعلي واري عهدي تي رهي.اهو ته وقت ٻڌائيندو پر هتي ته ڪجهه ٻيو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته جيڪڏهن آصف زرداري صدر نه رهندو ته ن ليگ جو ميان محمد شهباز شريف به شايد ئي وزيراعظم رهي ۽ ملڪ جا اهي ٻئي عهدا ڪنهن نئين سياسي شخصيت کي سونپيا وڃن.27 هين ترميم کان پوءِ صوبائي حڪومتن ۾ به تبديليون اچن خاص ڪري ڪي پي سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن ۾ به امن امان ۽ ڪرپشن کي جواز بڻائي نوان چهرا ان ٿين جنهن لآءِ سنڌ جي ڪجهه حڪومت مخالف ڌرين ۽ چهرن سان پردي پويان اعتماد واري فضا قائم ڪرڻ لآءِ ڳالهيون هلن پيون جيڪي صحيح يا غلط پر ايندڙ وقت ٻڌائيندو.
بهرحال پ پ پ سربراهه جناب بلاول ڀٽو جي بهتر مفاد ۾ اهو آهي ته وزيراعظم بنجڻ واري ڊوڙ ۾ تڪڙ نه ڪري وقت جو انتظار ڪري پ پ پ کي مضبوط بڻائي انجي منشور کي عام ڪري.باقي صدر آصف علي زرداري کي جيڪڏهن استعفا جو بهانو بڻائي هٽايو ٿو وڃي ته هو وري به سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ شروع ڪندو جنهن ۾ هو سنڌ سميت ننڍن صوبن سان وفاق جي زيادتين جو ذڪر ۽ انڪشاف آڏو آڻي سگهي ٿو.