2025 جي مون سون/ چؤماسي شروع ٿيڻ جي صرف 10 ڏينهن اندر، سنڌ صوبي ۾ برساتن سبب پيش ايندڙ واقعن ۾ 16 ماڻهن جي مرڻ جي افسوسناڪ رپورٽ سامهون آئي آهي، انھن ڏينھن ۾ ملڪي سطح تي فوتين جو انگ 72 ٿي ويو آهي. اهي ابتدائي جانين جو نقصان، اڻ ڄاڻايل زخمي ۽ ملڪيتن کي رسيل ڇيھو، صوبي جي مون سون جي تياري ۽ جوابي ڪارروائي ۾ اهم چيلنجز کي نروار ڪن ٿا، خاص ڪري ايندڙ وقت ۾ ڳتيل شھرن ۽ علائقن ۾ وڌيڪ نقصان ٿي سگھن ٿا.
هن سال مون سون جي موسم 26-27 جون تي شروع ٿي، پاڪستان موسمياتي/ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ (PMD) سنڌ لاءِ ”وچٿري چؤماسي“ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اتر سنڌ، جنهن ۾ گھوٽڪي، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، قمبر شھدادڪوٽ، جيڪب آباد، ڪشمور، ۽ دادو جهڙا ضلعا شامل آهن، خاص طور تي جولاءِ جي آخر ۾ معمول کان وڌيڪ برسات پوندي. جڏهن ته لوئر سنڌ/لاڙ، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ۽ ميرپورخاص شامل آهن، ۾ معمول يا معمول کان ٿوري وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن سان شهري ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي، خاص طور تي ڪراچي جهڙن علائقن ۾ شھري ٻوڏ جا امڪان نظر اچن ٿا .
اهڙن اڳواٽ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ، نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) هر سال نيشنل مون سون ڪنٽينجنسي پلان تيار ڪري ٿي؛ ھن سال پڻ 2025 لاءِ پلان جڙيل آھي . هي جامع دستاويز، سمورن وفاقي ۽ صوبائي اسٽيڪ هولڊرز/واسطيدار ڌرين سان گڏجي تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هر صوبي، جهڙوڪ سنڌ جي مون سون ڪنٽينجنسي پلان، پڻ شامل آھي. ان جو بنيادي مقصد ملڪي چؤماسي سان لاڳاپيل ھنگامي حالتن/ ايمرجنسي لاءِ تياري ۽ جوابي هدايتون تيار ڪرڻ آهي، جنهن سان ٻوڏ جهڙين حالتن ۽ ٻين ايمرجنسين لاءِ اڳواٽ تياري ۽ موثر جوابي ڪارروائي يقيني بڻائي سگهجي. هي پلان پاڪستان جي آفتن جي منظرنامي جي جامع سمجھه تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ تاريخي لاڙا،سبق، اڀرندڙ موسمي اڳڪٿيون، ۽ دستياب وسيلن جي تازه ترين فهرست شامل آهن. ان ڪري، سنڌ جو مخصوص مون سون ڪنٽينجنسي پلان هن وسيع قومي فريم ورڪ جو هڪ لازمي جز آهي، جيڪو صوبائي ڪوششن کي آفتن جي انتظام لاءِ مربوط طريقي کي اپنائيندي قومي هدايتن سان هم آهنگ ڪري ٿو.
سنڌ جو پلان صوبائي خطرن جي تفصيلي سمجهھ ۽ ڄاڻ کي ظاهر ڪري ٿو. ان ۾ سنڌ جي وڏن شهرن جي مجموعي طور تي 309 هيٺاهين علائقن جي سڃاڻپ ٿيل آهي جتي مينھوڳي ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ڪري سگھي ٿي۔ ان اڳواٽ ڏسيل علائقن مان صرف ڪراچي ۾ 198 هاٽ اسپاٽ/ خطري وارا ھنڌ آهن، جنهن کانپوءِ حيدرآباد (45) ۽ سکر (27) اچن ٿا.
هن پلان ۾ درياھي ٻوڏ جي ڪري وسندين ۽ گھرن کي ٿيندڙ نقصانن جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ خاص طور 53,104 خاندان ۽ اضافي طور تي 152,293 خاندانن/ڪٽنبن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.ھن پلان جو هڪ اهم جائزو سنڌ صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) جي اسٽاڪ ۾ ضروري غير غذائي امدادي شين/ نان فوڊ آئٽمز (NFIs) ۾ اهم لاجسٽڪ/مقدار جي گهٽتائي ظاهر ڪري ٿو. ھي انگ اکر جون 2025 ۾ جڙيل پلان مطابق آھن۔ انهن گهٽتائين ۾ شامل آهن:
پٿرڻيون/تڏا (ميٽ): 120,912 جي گهٽتائي (84,485 موجود بمقابله 205,397 گهربل)
پاڻي جا ڪولر (10 ليٽر): 194,883 جي گهٽتائي (10,514 موجود بمقابله 205,397 گهربل)
هائيجينڪٽس/ صفائي سٿرائي جون ڪِٽون: 183,876 جي گهٽتائي (21,521 موجود بمقابله 205,397 گهربل) ، راشن جا سيٽ: 164,848 جي گهٽتائي (40,549 موجود بمقابله 205,397 گهربل)
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ”راشن بيگز“ لاءِ، منصوبي ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته گهربل 205,397 يونٽ ”ضرورت پوڻ تي خريد ڪيا ويندا،“ جيڪو هڪ بنيادي انساني ضرورت لاءِ اڳواٽ جي بدران رد عمل واري طريقي کي ظاهر ڪري ٿو. اسان 2022 وارن ٻوڏن ۾ ڏٺو تہ ضلعي انتظاميہ ان ڏس ۾ تمام گھڻي ڪمزوري ڏيکاري۔ ضرورت مندن تائين شيون وقتائتيون پھچي نه سگھيون۔ مقامي سياسي ماڻھن جي ترجيجن ان ورھاست کي گھڻو داغدار ڪري ڇڏيو۔
صوبي وٽ 572 ڊي-واٽرنگ / پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ هجڻ جي رپورٽ ۽ سنڌ حڪومت جي ناڻي کاتي پاران موسمي خطرن سان وڙهڻ ۽ امدادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ارب روپيا جي اڳواٽ مختص ٿيڻ باوجود، ھن وقت تائين نقصان ڏيندڙ چؤماسي جي شروعات اهو ظاهر ڪري ٿي ته جيڪي چئلينج آڏو آھن ان لاءِ مالي گھرجون ۽ ادارتي صلاحيتون اڃا به وڌي سگهن ٿيون. سمجھڻ جي ضرورت آھي تہ چؤماسي جي مند اچي چڪي آھي ان ڪري ان سان لاڳاپيل پوري ادارتي نظام کي ھوشيار ڪرڻو پوندو؛ ايئن نه ٿئي جو بچاءُ جي قدمن جي عملدرآمد ۾ گهٽتائي ظاهر ٿئي۔ اسان کي مثال طور طوفاني پاڻي/ تيز مينھن جي ڪري شھرن ۾ ٻوڏ پيدا ڪندڙ پاڻي جي نيڪال لاءِ نالن، نالين ۽ گٽرن کي صاف ڪرڻ ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ، جيڪي ضلعي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز (DDMAs) کي مون سون شروع ٿيڻ کان اڳ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، جھڙا ڪم نظر اچڻ کپن۔
هڪ قابل ذڪر قدم، جيتوڻيڪ هن وقت ننڍي پيماني تي ۽ غير سرڪاري تنظيمن پاران کنيو ويو آھي ، اهو خيرپور ۾ مالٽيزر انٽرنيشنل ۽ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO) جهڙين تنظيمن پاران مٿاھن، ٻوڏ کي منھن ڏيندڙ مال جي ٿلھن/پناهگاهن جي تعمير آهي. پنھنجن جاندارن کي بچائڻ جو هي اڳواٽ طريقو، جنهن کي هاري اڪثر پنهنجي ”جيئري بينڪ“ چوندا آهن، مون سون ڪنٽينجنسي پلان اندر حڪومت جي وسيع زرعي ۽ معاشي تحفظ واري حڪمت عملي ۾ هڪ خال کي اجاگر ڪري ٿو. اونچا ٿلھا/ ريزڊ پليٽفارم سنڌ جي ٻھراڙين، سامونڊي پٽي ۽ لاڙ لاءِ زندگيون بچائيندڙ ۽ ملڪيتن کي محفوظ ڪندڙ اڏاوتون ٿي سگھن ٿيون۔ بنگلاديش جو تجربو ان ڏس ۾ اھم آھي۔ اڳ ۾ ڪٿي لکيو ھوم 2003 واري لاڙ ۾ مينھن واري ٻوڏ ۾، شھيد دودي سومري جي مقبري جي ڇت ٻه سؤ کان مٿي ماڻھن جي جان بچائي۔
سنڌ ۾ مون سون 2025 جي ابتدائي اثرن اهم امدادي شين جي تڪڙي خريداري ۽ اڳواٽ صحيح رسد ڪرڻ واري جاءِ تي رکڻ، شهري نيڪال ۽ قبضي ختم ڪرڻ جي قدمن کي مضبوط ڪرڻ، ۽ موسم جي موافق معاشي مدد کي بنيادي آفتن جي منصوبابندي ۾ شامل ڪرڻ جي فوري ضرورت کي ظاھر ڪري ٿو. وڌندڙ موسمي خطرن جي منهن ۾ وڌيڪ لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ادارن ۾ چرپر، سھڪار، ضلعي سطح تي ميٽنگون، مقامي تنظيمن سان لهھ وچڙ ۾ اچڻ، پنھنجا انگ ۽ سنج سنڀالڻ جو وقت اچي چڪو آھي، وڌيڪ دير نه ٿي ڪري سگھجي۔
سنڌ ۾ مون سون 2025 جي ابتدائي اثرن اهم امدادي شين جي تڪڙي خريداري ۽ اڳواٽ صحيح رسد ڪرڻ واري جاءِ تي رکڻ، شهري نيڪال ۽ قبضي ختم ڪرڻ جي قدمن کي مضبوط ڪرڻ، ۽ موسم جي موافق معاشي مدد کي بنيادي آفتن جي منصوبابندي ۾ شامل ڪرڻ جي فوري ضرورت کي ظاھر ڪري ٿو. وڌندڙ موسمي خطرن جي منهن ۾ وڌيڪ لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ادارن ۾ چرپر، سھڪار، ضلعي سطح تي ميٽنگون، مقامي تنظيمن سان لهھ وچڙ ۾ اچڻ، پنھنجا انگ ۽ سنج سنڀالڻ جو وقت اچي چڪو آھي، وڌيڪ دير نه ٿي ڪري سگھجي۔