عمران خان جي عاشقن جو خواب

تحرير: محمد حنيف

عمران خان جا سياسي ڪارڪن  سياسي گهٽ سياسي ۽ رومانوي وڌيڪ  آهن. اهي سندس نظريي کان وڌيڪ سندس ذات  سان پيار ڪن ٿا. عاشق ماڻھون خواب گهڻا  ڏسندا آھن .پهريون خواب اهو هو ته ملڪ ۾ ڪو اھڙو ٿاڻيدار ئي  پيدا نه ٿيو آھي جيڪو عمران خان کي گرفتار ڪري سگهي. ٿاڻيدرا جو بھ ٿاڻيدار پيدا ٿي ويو. اميد اها هئي ته فوج  ۾ڏار پئجي ويندو، عمران خان جا پرستار جنرل کيس واپس اقتدار ۾ آڻڻ جو ڪو گس ڳولي وٺندا.سندس سڀ کان وڏو پرستار جنرل ڊگهي ڪورٽ مارشل کي منھن ڏئي رھيو آهي. باقي جنرلن مان هڪ فيلڊ مارشل اھڙو نڪتو،جنهن جي باري ۾ توهان ڪجهه به چئي سگهو ٿا، اهو نٿا چئي سگهو ته اهو عمران خان جو پرستار آهي.پوءِ ڪجهه دير لاءِ  اھو خيال آيو ته اسان هڪ سياسي جماعت  آهيون، اسان احتجاج ڪنداسين. جڏهن مٿي تي ڪفن ٻڌي ڪري عاشقان  اسلام آباد جو رخ ڪنداسين تھ اڊيالا جيل جا دروازا کلي ويندا. عاشق ڏنڊا کائي ۽ بندوق ڏسي گهر موٽي ويا ۽في الحال ٻيهر ڏنڊا کائڻ جي موڊ ۾ نظر نٿا اچن. جيڪڏهن ڪنهن کي عدليه مان اميد هئي ته اهي واقعي معصوم عاشق هئا.

ميڊيا نه ته عمران خان کي قيد ڪرائي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڇڏائي سگهي ٿي.جيڪي باغي يوٽيوبرز ھئا انھن  يا ته توبه ڪري ڇڏي يا پرديس وڃي انقلاب جا خواب وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان کي پنهنجو اثاثو سمجهندا هئا.انھن پوئتي مڙي  ڏسڻ بدران سڌو آمريڪي صدر ٽرمپ جو دروازو کڙڪائي وڌو.ٽرمپ عمران خان کي آزاد ڪرائڻ بدران، سڀني ٿاڻيدارن جي ٿاڻيدار کي ماني جي  دعوت ڏني ۽ چئي ڏنو  ته هي جنرل  تھ زبردست ماڻهو آهي. ‘هاڻي  تنهنجي پيار ۾ رسوا ٿي ھي ديوانا ڪيڏانھن وڃن ‘ واري ڪيفيت هئي،تھ وري  هڪ ٻيو خواب ڏٺو ويو آھي.ڇرڪائيندڙ  خواب، اهو هي ته نواز شريف اڊيالا جيل ۾ ساڻس ،لاقات ڪندو. جنهن شخص کي نااھل ڪرائي،جنھن  خلاف ڌرڻا هڻي،جنھن  کي ‘چور، چور’ سڏي،عمران خان  وزيراعظم بڻيو، اھو اديالا جيل ۾ پنھنجي  سيل ۾ نوازشريف سان  ملندو ؟

چوڻ لاءِ تھ نواز شريف جي باري ۾به اھو چئي سگهجي ٿو ته اهو ووٽ کي عزت ڏيارڻ لاءِ نڪتو هو پر پنهنجي سياست کان فارغ ٿي گهر ويھي رھيوآهي. اهو به چيو وڃي ٿو تھ هن گھاٽي جو سودو ناھي ڪيو. ڀاءُ وزيراعظم آهي، ڌيءَ پنجاب جي وڏي وزير آهي. هو پاڻ بھ ڪڏھن ڪنهن جي فاتحه خواني تي نظر اچي ٿو وڃي.تھ وري ڪڏهن پنهنجو طبي معائنو ڪرائڻ لاءِ لنڊن  ھليو وڃي ٿو.

هو ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين گوالمنڊي جو شهزادو هو. هاڻي ڪڏهن به کيس اتان پيار ميڙيندي ناھي ڏٺو.کيس نيڪالي ڏياريندڙ سپھه سالار قمر جاويد باجوه هو.اهوبھ پنهنجي اباڻي  ڳوٺ جي گهٽين ۾ نٿو گهمي.جيڪڏهن عمران خان پنهنجي جيل جي سيل ۾ تنھا آهي، ته پوءِ کيس آڻيندڙ  ۽  پوءِ وري نيڪالي ڏيندڙ،کيس جيل ۾ وجهندڙ ۽ بقول پي ٽي آءِ ، سندس مينڊيٽ چورائيندڙ آزاد هوندي پڻ سياسي تنھائي جو شڪار آهن.روايتي سوچ ھي آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ تمام گهڻي طاقتور آهي، پر ان وٽ ڪنھن عوامي ليڊر کي ڊگهي وقت تائين  بند رکڻ جي صلاحيت ناهي.

عوامي ليڊر کي ڪجهه عرصي تائين تھ جيل ۾ رکي سگهجي ٿو، پر پوءِ يا ته ان کي صفحھ ھستي تان مٽائڻو پوندو آهي يا جلاوطن ڪرڻو پوندو آهي ۽ اڪثر پوءِ وري واپس اقتدار ۾ آڻڻو پوندو آهي.نواز شريف ٽي ڀيرا  ان دائري جو سفر ڪري چڪو آهي. اھو وڌ کان وڌ عمران خان کي اھو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته  اڄ جيڪو ڪجهھ توسان ٿي رهيو آهي، مون سان اھو ئي ٿيو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.