موري جي معصوم ٻارڙي” ڀلي“ جو موت ۽ حڪومت جي بي حسي

تحرير: مظهر خاصخيلي

سنڌ ۾ روزانو جيڪي واقعا جنم وٺن ٿا انهن کي ڏسي ۽ انهن قانون جي خاموشي جي ڪري هاڻي سنڌ جا ماڻهون پنهنجي  حڪومت مٿان آڱريون کڻن ٿا. ڪجهه مهينا اڳ سنڌو مٿان ٺهندڙ ڪئنالن خلاف مورو شهر ۾ احتجاج ڪندڙ ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي ٻن نوجوان زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڪيو ويو ۽ ان ساڳي ڏينهن تي مورو شهر۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو جنهن کان پوءِ لاڳيتو ڳوٺ لغاري بجاراڻي مٿان پوليس جو ڪڙو چڙهيل آهي ۽ هن ڳوٺ اندر مڪمل ڪرفيو واري صورت حال آهي ڳوٺ جي ماڻهن کي مورو شهر ڏانهن مزدوري کاڌ خورڪ جو سامان دوائون وٺي اچڻ لاءِ به نٿو ڇڏيو وڃي اهڙي صورت حال ۾ هن ڳوٺ اندر رهندڙ 22 سالن جي عورت فضيلان لغاري بک بيماري کان بيزار ٿي پنهنجي معصوم نياڻي ڀلي کي کڻي پنهنجو پاڻ نياڻي سميت ته سنڌو ڌرياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جي لاش کي هڪ ڏينهن کان پوءِ سندس وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولي دفن ڪري ڇڏيو باقي معصوم نياڻي ڀلي جو لاش ڪيترن ڏينهن کان سنڌو درياءَ مان لڀڻ جو نالو نٿو وٺي هيءَ سموري صورت حال سنڌ حڪومت کان وٺي هيٺ نوشهروفيروز اندر ويٺل انتظاميا جي لاءِ معمولي ڳالهه بڻيل آهي. ڇو ته ٻارڙيءَ ”ڀلي“ ڪنهن پ پ جي اڳواڻ جا وري ايم اين اي ايم پي اي جي ڌيءُ ڪونه هئي جو سنڌ جي موجودهه وڏي وزير مراد علي شاهه کي ۽ اتان ان تڪ تان ايم پي اي جي اليڪشن ۾ بيهي موجودهه سنڌ جي اندر گهرو وزير بڻيل ضياءُ الحسن لنجار جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ۽ نه وري اسلام آباد ۾ ويٺل انهن سگهارين ڌرين جي لاءِ مٿي جو سور بڻجي سگهجي آهي جيڪي سنڌ اندر حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جا سالن کان نوان نوان فارمولا ايجاد ڪندا آهن ۽  اسان جي سنڌ حڪومت خبر ناهي ته الائي ڪهڙي ڪم سان لڳل آهي. جو کين پنهنجي سنڌ جي هزارين ماڻهن جون دانهون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي آهي. جنهن جي ڪري سنڌ جا رهواسي جنهن پيڙا ۽ تڪليف جو شڪار آهن ان ڳالهه کي هتي ڪجهه لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي هڪ طرف معصوم ٻارڙي ڀلي جو لاش ان لاچار پيءُ کي ڪير ڳولي نٿو ڏئي جنهن پنهنجي ڀلي کي کيڏڻ وارا رانديڪا ڪڏهن وٺي ته ڪونه ڏنا پر هن کيس ڪيترن ڏينهن کان بخار جي دوا جي شيشي به ان ڪري وٺي نه ڏني جو کيس ڪچي مان ڪاٺيو ڪري مورو شهر ۾ کڻي وڃڻ کان اتي بيٺل پوليس اهو چئي اجازت نه پئي ڏني ته اوهان ڳوٺ لغاري بجاراڻي جا ڳوٺاڻا دهشتگرد آهيو،  ٻيهر مورو شهر وڃي دهشتگردي ڪندئو ان ڪري شايد ڀلي کي ڀلي جي امڙ بخار کان بچائڻ جي لاءِ سنڌو درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري اسان جنهن معاشري ۾ هن وقت رهون ٿا اهو معاشرو مڪمل طور تي انسانيت وڃائي چڪو آهي باقي وڃي ڪجهه اهڙا ماڻهو بچيا آهن جن ۾ انسانيت ملي ٿي اهي به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد وڃي بچيا آهن باقي  سڀ رڳي ڏسڻ جا ڀلا ماڻهو آهيون ۽ اندر ۾ کوکلا  ۽ ڪائنر ٿي ويا آهيون جنهن ڪري اسان ۾ ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي سگهه ناهي رهي. جيڪڏهن اسان وٽ احساس هجي هان ته هڪ معصوم نياڻي ڀلي جو سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويل لاش هن وقت تائين ڳولڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت کي مجبور ڪرڻ جي لاءِ ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي ڳوٺاڻن جو ساٿ ڏئي سنڌ اندر موجودهه وقت جي حڪومت کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو احتجاج نوٽ ڪرايون ها پر اسان ائين ناهيون ڪري سگهيا ڇا اها انسانيت جي موڪلاڻي ڪري وڃڻ جي آخري نشاني ناهي جو جنهن نموني سان ان گلن جهڙي معصوم نياڻين ڀلي لغاري  کي سندس امڙ فضيلا لغاري کڻي وڃي پاڻ سميت سنڌو درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ان امڙ جي ان وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي اها ڪهڙي حالت مان گذري هوندي جنهن ماءُ ايترو وڏو قدم کنيو آهي ان جيجل جو جيءُ جهريو نه هوندو ڇا هن کي ساهه مٺو ڪونه هوندو. هن امڙ ايترو وڏو قدم کنيو آهي . ان ڳالهه تي اسان سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته اسان جنهن معاشري اندر رهون ٿا اهو ايترو خوف ناڪ ڪئين بڻجي ويو آهي. ۽ خاص ڪري حڪومت کي هلائيندڙ انهن ڌرين کي ننڊ مان جاڳڻ گهرجي. جو هاڻي جيجل ماءُ پنهنجي ٻچڙن سميت اهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پئي آهي ان لاءِ جيڪڏهن سنڌ مان هن وقت بغاوت اڀري جيڪو جنم وٺندي اها صرف ايوانن کي لوڏي نه پر ساڙي ڇڏيندي ان لاءِ اسان جيڪي پاڻ کي بهتر معاشري ۾ رهڻ جي دعوا ڪري فتوا جاري ڪري رهيا آهيون اسان سڀ پنهنجي گريبا ن ۾ جهاتي پائي ڏسون ته هن وقت اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان معاشري مان جنهن تيزي سان ماڻهپو موڪلائي رهيو آهي ان معاشري کي تباهه ٿيڻ کان ڪئين بچائي سگهجي ٿو.

 مورو ڀرسان قائم ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي مالڪي ڪري هن ڳوٺ وارن کي آٿت ڏيڻ گهرجي ۽ هن ڳوٺ ۾ وڃي انهن ۾ پيدا ٿيل احساسي محرومي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ انهن ۾ اهو حوصلو ٻيهر پيدا ڪرائڻ گهرجي ته هيءُ جيڪي وقت جا حڪمران سنڌ مٿان ويٺل آهن اهي سموري عمر حڪمران ڪونه هوندا اوهان حوصلو نه هاريو هنن کان هڪ هڪ لڙڪ جو حساب وٺجو. مورو جي ڀرسان قائم هيءُ ننڊڙو ڳوٺ لغاري بجاراڻي جنهن ۾ شاهه لطيف جا بيت هر ننڍي وڏي جي زبان مان  گونجندا هجن ۽ جتي ڪامريڊ ڪومل لغاري کان وٺي هر رهندڙ وٽ لطيف جو فڪر هجي اتي ايترو جلدي شڪست کائڻ وارو تصور ختم ٿيڻ گهرجي ڇونه پوءِ ڀلي وقت جي حڪومت اوهان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.