لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال مان 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل تازي ڄاول ٻارڙي ڪراچي مان بازياب ٿي وئي، ٻارڙيءَ جي وارثن خوشي ۾ ايس ايڇ او سچل آصف علي تنيو کي گلن جا هار پارايا.
ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻو پوليس ٽيڪنيڪل طريقي ۽ سي سي ٽي وي جي مدد سان ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي پوليس جو سهڪار به هيو ۽ ان ڪارروائي ۾ سي ٽي ڊي پوليس پڻ گڏ هئي.
هن چيو ته واقعي ۾ اسپتال انتظاميا ملوث ناهي پر انتظاميا جي لاپرواهي چئي سگهجي ٿي، 5 سالن ۾ اهو ٽيون واقعو آهي، هن وقت تازي ڄاول ٻارڙي جي وارثن ۾ تمام گهڻي خوشي جي لهر آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like