گورنمنٽ ايليمنٽري ڪاليج مٺياڻي جو تاريخي پسمنظر

تحرير: عبداللطيف سولنگي.

مون کي خوش قسمتيءَ سان نوشھروفيروز ۾ سنڌ سطح جي استادن جي ھڪ ڪنوينشن ۾ شرڪت جو موقعو مليو جتي ھڪ استاد پنھنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن توهان ھڪ سؤ سالن جي پلاننگ ڪريو ته توهان ملڪ ۾ اسڪولن جو ڄار وڇايو ۽ جيڪڏهن ھڪ ھزار سالن جي پلاننگ ڪريو ته توھان ملڪ ۾ اسڪولن سان گڏ يونيورسٽين ۽ اعلي تعليم جو ڄار وڇايو جنھن سان معاشرو ۾ تعليم ۽ شعور وڌندو ۽ ترقي به ڪندو . ان لاءِ اسان کي پنھنجي شاگردن ۽ مستقبل جي معمارن کي جديد تقاضائن جي تعليم ڏيڻي پوندي ، ان ڪري استادن تي معاشري ۽ ملڪ سنوارڻ جون تمام وڏيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون ، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جا مانوارا استاد شاگردن کي جديد تقاضائن ۽ ميٿڊ مطابق پڙھائڻ جي مڪمل ڄاڻ ۽ تربيت ھئڻ گھرجي ۽ استادن کي ٻار جي نفسيات  ۽ ذهانت جي پڻ پرک ھئڻ گھرجي ته جيئن اھي اسان جي نئين نسل کي جديد تقاضائن مطابق تعليم ڏني سگھن . مون ڪنھن اسڪول جي ڪلاس روم ۾  استادن لاءِ لکيل ھڪ قول پڙهيو ھيو جنھن ۾ استادن لاءِ لکيل ھيو ته توھان پنھنجي شاگردن کي پڙھايو ۽ جيڪڏھن انھن کي توھان جي ڳالھه سمجهه ۾ نه اچي ته کين بار بار سمجهايو ۽ جيڪڏهن اھي توھان جي بار بار سمجهائڻ جي باوجود به سمجهي نه سگھن ته پوءِ سمجهو ته يا ته توھان انھن کي سمجهائي نٿا سگھو يا وري توهان ئي ان ڳالهه کي سمجهي نه سگھيا آهيون . ڪجهه ڏينهن اڳ منھنجي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج جي پرنسپال سائين خليل احمد سولنگي سان ڪنھن مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنھن مون کي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ تربيت حاصل ڪندڙ نون اپائنٽمنٽ ٿيل استادن جي نائين بيج جي  107 استادن جي تربيت ۽ کين پڙھائڻ جا گر سيکارڻ جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ڪاليج گھمڻ ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ جڏھن مان اتي پھتس ته ھڪ ته مونکي پنھنجي اسڪول وارو زمانو ياد آيو ۽ ٻيو اھو ته منھنجو بابو سائين ، ماما ۽ چاچا ھن اداري مان تربيت حاصل ڪري ۽ پڙھائي چڪا آهن ان ڪري ھن اداري جو ڄڻ ته مون تي قرض ھيو جيڪو مان ادا ڪرڻ پئي چاهيم ، ٽريننگ جي مشاهدي دوران ٽريننگ وٺندڙ نون استادن  جي قابليت ، ذهانت ۽ تربيت ڏسي مونکي بي انداز خوشي ۽ پڪ ٿي ته اسان جو آئيندو ۽ مستقبل محفوظ ھٿن ۾ آھي .

سائين خليل احمد سولنگي تعليم  جي اھميت سنڌ ۾ ايليمينٽري ڪاليجن جي تاريخ ۽ استادن جي تربيت ۾ ايليمينٽري ڪاليج جي اهميت ، ڪردار ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺياڻي جو تاريخي پسمنظر بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته تقريبن ڏيڍ سؤ سال اڳ سنڌ جي ھندن مسلمانن سان گڏجي تعليم جي اڻاٺ کي محسوس ڪندي مخير حضرات کان چندا ڪري مربوط ڪوششون ڪري اسڪولن جو ڄار وڇايو ته جيئن تعليم کي عام ڪري سگھجي ۽ ڪراچي ، حيدرآباد ، ٽنڊو باگو ( بدين ) ، نوشھروفيروز ، ڪنڊاکاھي ، ڀريا سٽي ٺاروشاھ ، ڳوٺ نما شھر مٺياڻي ، شڪارپور ۽ ٻين شھرن تعليمي ادارا کوليا جنھن سان سنڌ اندر تعليم جو لاڙو پيدا ٿيو مون کي ٻڌايو ويو ته 1858ع ۾  ابجي ھڪ مٺياڻي ۾ پي سي اسڪول کوليو ويو جتي پرائمري يعني سنڌي پنجن تائين تعليم ڏني ويندي ھئي جنھن جو پھريون ھيڊ ماستر سائين سبز علي مستوئي مقرر ٿيو ۽ ٻيو 1896ع ۾ سرڪاري خرچ سان موجوده ايليمينٽري ڪاليج جي احاطي اندر اسڪول  قائم ڪيو ويو جتي ست درجا ( فائينل) تائين تعليم ڏني ويندي ھئي ۽ 1919ع کان اتي اٺن درجن تائين تعليم ڏيڻ شروع ڪئي وئي جنھن کي مڊل اسڪول جو نالو ڏنو ويو مگر وقت جي تقاضائن ۽ تعليمي گھرجن سبب 1928ع ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي معاونت سان ھڪ ٽرسٽ بورڊ قائم ٿيو جنھن جي ڪوششن سان 1929ع ۾ ڪي ايم ( ڪندن مل – منگھو مل ) جي نالي سان اسڪول کولڻ لاءِ بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي تائين چندا ڪيا ويا ته جيئن ھن اسڪول جي بلڊنگ قائم ٿي سگهي . جتي ( ٽولا رام گنو مل ) ڊي ايڇ ڊمانٽريشن ھال قائم ڪيو ويو  جتي سائنس جا سبجيڪٽ پڙهيا ويندا ھئا جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته تقريبن ڏيڍ سؤ سال اڳ سنڌ اندر جديد تعليم ۽ سائنس  پڙھائي ويندي ھئي .  جيستائين استادن جي تربيت جو تعلق آهي ته سڀ کان پھريان سنڌ ۾ تربيتي اسڪول 1854ع  ۾ فرسٽ انيشل اسڪول ان پراونس آف سنڌ فار ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ڪراچي ۾ قائم ٿيو . جنھن کي ڏھن سالن بعد يعني 1864ع ۾ حيدرآباد شفٽ ڪيو  ويو .

۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پڙھيل لکيل ھندن جو ھڪ وڏو تعداد ھندستان لڏي ويو جنھن ڪري سنڌ ۾ پڙهيل لکيل ماڻھن جي کوٽ پيدا ٿي وئي . ان کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ نوان تربيتي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ سال 1950ع ۾  سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب انسپيڪٽر آف اسڪولز/ ڊائريڪٽر آف اسڪولز سنڌ علامہ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نوابشاھ خانصاحب علي محمد سيال جڏهن پنھنجي دوري تي مٺياڻي پھتا ته اتي قائم اسڪول جي قديمي تاريخي درسگاه ، ڊي ايڇ ( ڊمانٽريش ھال ) ٽولا رام گنو مل سائنس ھال جنھن ۾ سائنس پڙھائي ويندي ھئي ، مسجد ، سرسبز ميدان ۽ آبھوا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽  فيصلو ڪين ته ھن ڳوٺ نما شھر مٺياڻي ۾  جتي ڪندن مل منگھو مل جي نالي سان اسڪول ھلي رھيو آھي جنھن جي ايراضي تقريبن ڏھن کان ٻارھن ايڪڙن تي ٻڌل آهي کان وڌيڪ ٻئي ڪا مناسب جاءِ ناهي جتي استادن لاءِ تربيتي اسڪول کولجي اھڙي طرح 1950ع ۾ مٺياڻي جي ھن اسڪول کي استادن جي تربيت لاءِ ٽريننگ اسڪول جو درجو ڏنو ويو جنھن جو پھريون ھيڊ ماستر ناليوارو تعليمدان محترم سائين رحيم بخش سرهيو ۽ ٻيو ھيڊ ماستر سيد جلال الدين شاھ مقرر ڪيو ويو  . سيد  جلال الدين شاھ جيڪو سنڌ  جو ناليوارو دل جو ماھر ڊاڪٽر ڊاڪٽر سيد علي ارشد شاھ جنھن سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ دل جو وارڊ قائم ڪيو ۽ کيس ان جو انچارج مقرر ڪيو ويو ۽ ناليوارو ڪامورو سيد جمال مصطفي شاه جو والد آھي . اھڙي طرح ان ٽريننگ اسڪول جي ڪاليج طور اپگريڊ ٿيڻ وقت تيرھون ھيڊ ماستر محترم سائين گل حسن تيوڻو مقرر ٿيو ، سائين گل حسن تيوڻو  1981ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج  جي اپگريڊ ٿيڻ بعد ان ڪاليج جو پھريون پرنسيپال مقرر ٿيو ۽ ھن تربيتي اداري جي اپ گريڊ ٿيڻ کان ھن وقت تائين ھن عظيم ۽ قديم تربيتي درس گاھ جا 14 استاد پرنسيپال ٿي چڪا آهن . تربيتي درسگاه ۾ سنڌ  جي ڪيترن ئي ضلعن ۽ شھرن جا استاد اچي ھن تربيتي درسگاهه مان تربيت حاصل ڪري چڪا آهن جيڪي پنھنجي تربيت دوران ھتي اچي ڪاليج جي ھاسٽل ۾ رھندا پڻ ھئا . ان دوران سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي 1974ع م ھڪ ادارو بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ قائم ڪيو جنھن جو ڪم صوبي جي درسگاهن لاءِ نصاب جوڙڻ ۽ ھر ضلعي اندر استادن جي تربيت جا ادارا قائم ڪرڻ ۽ ھلائڻ آھي ان کان اڳ اھي ادارا  انسپيڪٽر آف اسڪولز / ڊائريڪٽر آف اسڪولز جي ماتحت ھلندا ھئا ھنن تربيتي ادارن ۾ شروعاتي ڏينهن ۾  جي وي ( جونيئر ورنيڪيولر) ۽ ايس وي ( سينيئر ورنيڪيولر ) جا ڪورس شروع ڪرايا ويا جيڪي اڳتي ھلي پي ٽي سي ۽ سي ٽي جي نالن سان ھلڻ لڳا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.