عدالتي حڪم تي بحال هيڪ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاران بدسلوڪي جي دانهن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالت پاران پروفيسر ڊاڪٽر ضياءُ القيوم کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن  جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي عهدِي تي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي  28 جون 2025 تي عدالت پاران سندن برطرفي جو حڪم معطل ٿيڻ باوجود، ڊاڪٽر ضياءَ کي مبينا طور تي ايڇ اي سي سيڪريٽريٽ ۾ پنهنجون سرڪاري ذميواريون ٻيهر سنڀالڻ کان روڪيو ويو. هيڪ چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي موڪليل هڪ سرڪاري اي ميل ۾ ڊاڪٽر ضياءُ آگاهه ڪيو ته 30 جون 2025 تي جڏهن هو آفيس پهتو ته وقتي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مظهر سعيد سندن  داخلا روڪي، ۽ سيڪيورٽي گارڊن عملي جي مون سان بدسلوڪي ڪئي. ڊاڪٽر ضياءَ چيو ته هي رڳو عدالتي حڪم جي واضع ڀڃڪڙي ناهي، پر ادارن جي قانوني حيثيت جي به بدترين لتاڙ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ان واقعي جا ثبوت طور تي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ميڊيا رپورٽون موجود آهن، جيڪي ڊاڪٽر مظهر ۽ ٻين ملازمن جي غير مناسب روين کي ظاهر ڪن ٿيون. ڊاڪٽر ضياءُ انهن فيصلاُن ۽ منظوريَن تي به اعتراض ڏنو، جيڪي ڊاڪٽر مظهر عدالتي فيصلي کانپوءِ جاري ڪيون، ۽ چيو ته اهي غير قانوني آهن ۽ مستقبل ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ عدالت ۾ رپورٽ ڪيون وينديون. هي واقعو تعليمي ۽ انتظامي حلقن ۾ سخت ڳڻتي جو سبب بڻيو آهي، ۽ پاڪستان جي اهم ترين تعليمي اداري اندر گورننس، قانون جي بالادستي، ۽ ادارا جاتی نظم و ضبط بابت سنجيده سوال اڀاري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.