اسلام آباد/دبئي(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)پاڪستان جي سڀ کان وڏي پراپرٽي ٽائيڪون گوڏا کوڙي ڇڏيا،ملڪ ۾ 900 ارب رپين جو باقيدار بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض معافي لاءِ هڪ طاقتور ترين شخصيت کي خط لکي ڇڏيو،ملڪ رياض جا پاڪستان ۾ تمام گهڻا اثاثا آهن،ڊي ايڇ اي جو بحريا ٽائون سان تڪرار هلندڙ آهي،عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ملڪ رياض جي گواهي گهربل آهي،ملڪ رياض هيل تائين عمران خان خلاف گواهي ڏيڻ کان انڪاري رهيو آهي،اڄڪلهه هو ٻاهرين ملڪ ويٺل آهي،3 جون تي ملڪ رياض فيلڊ مارشل عاصم منير کي خط لکيو آهي ان ۾ مبينه طور هن پنهنجي پراڻن معاملن جي بنياد تي معافي ورتي آهي،هن ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته هو ملڪ جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو،ذريعن موجب ان خط کانپوءِ فوج يا اسٽيبلشمينٽ پاران هن سان ڪو رابطو ڪيو ويو يا نه ان بابت ڪا به خبر نه آهي،ان ڳاله جو ثبوت اهو آهي ته ملڪ رياض 12 يا 13 جون تي هڪ ٻيو خط لکيو آهي،ان خط ۾ هن 3 هزار ڪنال زمين شهيدن جي نالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،حڪومت ۾ ويٺل شخصيتن جي راءِ آهي ته پاڪستان مالي مشڪلات جو شڪار آهي،اسان کي وڏي ڪاروباري شخصيت جي ضرورت آهي،ملڪ رياض سان معاملا طئي ڪري هن کي وطن واپس وٺي اچون ٿا،انهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي،ڊي جي ايم آءِ ميجر جنرل واجد ان خيال جا حامي آهن جڏهن ته ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي ملڪ رياض سان ڊيل جي مخالفت ڪري رهيا آهن،انهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ،ڊي جي آءِ بي شامل آهن،ان حوالي سان ملڪ رياض سان به سندس موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،ملڪ رياض هيل تائين سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود 460 ارب رپين جي ادائيگي ناهي ڪئي ان مان رڳو هڪ قسط جمع ڪرائي وئي آهي،جڏهن ته هو پاڪ فوج سان ساڍا 400 ارب رپين جو به فراڊ ڪري ويو آهي،هن شهيدن لاءِ معاهدي باوجود زمين اڃا تائين ناهي ڏني،هو هٿ سان ڊيفالٽ ڪري هن ملڪ مان فرار ٿيو آهي،ملڪي عدالتن مان اشتهاري قرار ڏنل آهي،جڏهن ته 190 ملين پائونڊ واري معاملي ۾ به هن رياست سان پهرين فراڊ ڪيو ۽ پوءِ ان کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان عمران خان خلاف گواهي نه ڏيندس،هاڻي جڏهن هن ڏٺو ته پاڪستان ۾ ته معاملا صحيح رخ ۾ هلي رهيا آهن ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به فيلڊ مارشل بڻجي ويو آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي لاءِ تيار ناهي ته هن چٺيون لکڻ شروع ڪيون آهن،اڃا تائين فيلڊ مارشل هن جي حوالي سان ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي،اڳ ۾ به هو پاڪستان جي ”خدمت“ جي نالي تي مال ٺاهي پنهنجو سمورو پئسو ٻاهرين ملڪ کڻي ويو هو،
ملڪ رياض جو اڃا به سرڪاري ادارن ۾ اثررسوخ هلندڙ
اسلام آباد/دبئي(عوامي آواز نيوز) ملڪ رياض ايترو ته بااثر شخص آهي جو اڄ به سرڪاري ادارا هن جي حق ۾ رپورٽ ڏين ٿا،اسلام آباد ۾ سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم شهبازشريف جو آندل آهي هو اڄڪلهه شهرين سان سڌي نموني ڳالهائيندو به ناهي،پاڻ کي طاقتور ترين سي ڊي اي چيئرمين سڏرائي ٿو،هن بغير سروي شهر ۾ اهڙا انڊر پاس ٺاهرايا آهن جيڪي ڪجهه ئي هفتن ۾ ڀڄي پون ٿا،اسلام آباد ۾ 510 ڪنال زمين تي ملڪ رياض قبضو ڪيو آهي،سي ڊي اي رپورٽ ڏني آهي ته بحريا انڪليو ۾ ملڪ رياض رڳو 181 ڪنال زمين تي قبضو ڪيو آهي ۽ 388 ڪنال زمين ملڪ رياض جي ڄاڻائي وئي آهي،ان رپورٽ بعد نائب مختيارڪار کي ترقي ڏئي مختيارڪار بڻايو ويو،حالانڪه بحريا ٽائون پاران سرڪاري اداري کي خط لکي اعتراف ڪيو ويو آهي ته اسان 350 ڪنال تي قبضو ڪيو آهي،اسان سان ڳالهيون ڪريو،ان حوالي سان سي ڊي اي جي ترجمان ۽ ملڪ رياض سان موقف لاءِ رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي
دبئي ۾ ملڪ رياض سان ماضي ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون ملاقات ڪري چڪيون آهن
اسلام آباد/دبئي(عوامي آواز نيوز)ملڪ رياض ايترو بااثر آهي جو پاڪستان بحريا هن کان بحريا ٽائون جو نالو استعمال ڪرڻ کان نه روڪي سگهي،اهو ڪيس عدالت ۾ هارائڻ بعد ڪيترائي ايڊمرل ملڪ رياض وٽ نوڪري تي لڳي ويا،هڪ اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس پي آر به بحريا ٽائون ۾ نوڪري ڪري ٿو،آءِ ايس آءِ جي هڪ اڳوڻي ڊي جي سي لاءِ ملڪ رياض پنهنجي دوستن کي ٻڌايو ته هي ڪافي تمام سٺي ٺاهي ٿو،اڄ به ڪيترائي طاقتور ماڻهو ملڪ رياض سان رابطي ۾ آهن،نيب چيئرمين محسن بٽ هن سان دبئي ۾ ملاقاتون ڪري چڪو آهي،اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم،ڊي جي سي به ملڪ رياض سان ملاقات ڪري چڪا آهن،ايستائين جو صدر آصف علي زرداري به دبئي دوري ۾ هن سان ملاقات ڪري چڪو آهي،اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڪجهه صحافي به هتان کان پيغام کڻي ملڪ رياض سان ملاقاتون ڪري آيا آهن،