اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مخصوص سيٽون الاٽ ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ن ليگ جون ڪُل سيٽون 123 ٿي ويون آهن، ن ليگ کي 13 مخصوص سيٽون مليون آهن. پ پ کي 4 مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ان جون ڪُل سيٽون 74 ٿي ويون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ايم ڪيو ايم جون قومي اسيمبلي ۾ ڪُل سيٽون 22 آهن، جڏهن ته مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ٻڌايو آهي ته هن وقت قومي اسيمبلي جون ڪُل سيٽون 336 آهن، اسيمبلي ۾ آزاد ميمبرن جو انگ 5 آهي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 80 آهي. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن مطابق قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخوا جي عورتن جون 5 مخصوص سيٽن مان مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ کي 2، 2 سيٽون ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي 1 سيٽ ملي آهي. پنجاب مان قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي 11 مخصوص سيٽن مان 10 مسلم ليگ (ن) کي ۽ 1 پيپلزپارٽي کي ڏني وئي آهي۔ اليڪشن ڪميشن مطابق قومي اسيمبلي ۾ اقليتن جي 3 سيٽن مان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ کي هڪ، هڪ اقليتي سيٽ ملي آهي. خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ عورتن جون 21 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جن مان جي يو آءِ کي 8، (ن) ليگ کي 6 ۽ پيپلزپارٽي کي 5 سيٽون مليون، جڏهن ته تحريڪ انصاف پارليامينٽيرين ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اين پي) کي به هڪ، هڪ مخصوص سيٽ ڏني وئي آهي. خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ اقليتن جي 4 سيٽن مان جي يو آءِ کي 2، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي هڪ، هڪ اقليتي سيٽ ملي آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جون 24 مخصوص سيٽون بحال ڪيون ويون آهن، جن مان 21 مسلم ليگ (ن)، هڪ پيپلزپارٽي، هڪ استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ هڪ مسلم ليگ (ق) کي ڏني وئي آهي.پنجاب اسيمبلي ۾ اقليتن جون 3 سيٽون به بحال ڪيون ويون آهن، جن مان مسلم ليگ (ن) کي 2 ۽ پيپلزپارٽي کي هڪ اقليتي سيٽ ڏني وئي آهي۔ جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي 2 مخصوص سيٽن مان هڪ پيپلزپارٽي ۽ هڪ ايم ڪيو ايم کي ڏني وئي آهي۔