ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا دوران عارضي ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن جون خدمتون ختم ڪندي کين فارغ ڪيو ويو آهي. خدمتون ختم ڪيل ڊاڪٽرن ۾ ڪيتريون ئي عورتون به شامل آهن. صحت کاتي موجب 289 ميڊيڪل آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو آهي. فارغ ٿيلن ۾ ڊاڪٽر ڊي ايڇ او ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، نوشهرو فيروز ۾ مقرر هئا. صحت کاتي موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس نه ڪندڙ ڊاڪٽرن جي هاڻي ضرورت ناهي. ڊاڪٽرن کي 30 جون کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.