برساتن ۾ 39 فوت ٿيڻ جي تصديق، ٻوڏ جي وارننگ

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو+ رپورٽر+ م ڊ) تازين برساتن سبب ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته اين ڊي ايم اي 39 ڄڻن جي تصديق ڪئي آهي. اڄ کان 5 جولاءِ تائين برسات جي ٻئي مرحلي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) جي رپورٽ مطابق، ملڪ ۾ ٿيندڙ تازين برساتن سبب 39 ڄڻا فوت ٿيا، جن مان پنجاب ۾ 8، خيبرپختونخواهه ۾ 20، سنڌ ۾ 7 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا،  21 ٻارڙا،  6 عورتون،11 مرد شامل آهن. برساتن ۾ زخمي ٿيلن جو انگ 63 آهي. ڪراچي ۾ ڇتين جي ڪري پوڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 8  ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.لياري ۾ عمارت ڪري پئي، پيءُ ۽ ڌيءَ فوت، 5 ڄڻا زخمي ٿيا،منظور ڪالوني ۾ ڇت ڪرڻ سان هڪ ٻار فوت، پيءُ ۽ ٻيو ٻار زخمي ٿيا. نيو ڪراچي، گولي مار، سرجاني ٽائون، ڪورنگي ۽ سائٽ ايريا ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان 6 ڄڻا فوت ٿيا.  .اڄ کان 5 جولاءِ تائين تيز برساتن جي اڳڪٿي ۽ ٻوڏ جو الرٽ جاري ٿي ويو آهي. ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٺوهار، ايبٽ آباد، مانسهرا، هري پور، بالاڪوٽ، مري ۽ گليات ۾ به تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جابلو علائقن ۾ ڇپون ڪرڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي..2 جولاءِ کان 5 جولاءِ تائين سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ به شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ۽ انهن برساتن سبب انهن شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.