ڪراچي ۾ برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڊينگي جو خطرو، هدايتون جاري

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي روڊن ۽ گهٽين ۾ برسات کانپوءِ گڏ ٿيل پاڻي ڊينگي وائرس جي خطري کي وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن تي سنڌ جي صحت کاتي پاران ايڊوائزري جاري ڪندي فوري قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، ٻه ڏينهن جاري رهندڙ برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن جهڙوڪ گارڊن، لسٻيلا، جمشيد روڊ، اولڊ سٽي ايريا ۽ رنڇوڙ لائن ۾گڏ ٿيل برساتي پاڻي بيمارين کي جنم ڏيڻ لڳو آهي، خاص طور تي ڊينگي وائرس جو خطرو وڌي ويو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن گهم 60 سيڪڙو ۽ گرمي پد 26 کان 29 ڊگري تائين هجي ته ڊينگي وائرس جي واهپي ۾ واڌارو ٿيندو آهي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسز سنڌ جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن، ميئرز، ضلعي چيئرمينن ۽ ضلعي صحت آفيسرن کي پڌرائي جاري ڪري هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.