لاهور/ هيگ(مزمل سهروردي)جنرلن ۽ ٻين فوجي عهديدارن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ واري فيڪٽ فوڪس نيوز ويب سائيٽ سان واڳيل صحافي احمد وقاص گورائيه چيو آهي ته مون ڪيترائي جنرل ڏٺا آهن پر جنرل فيض حميد بي رحم ۽ ڪرمنل جنرل رهيو،هن جي دور ۾ مون ۽ خاندان تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا،هن چيو ته فيڪٽ فوڪس نيوز ويب سائيٽ جو ڪم مون ۽ صحافي احمد نوراني گڏ شروع ڪيو،اسان وٽ جنرل عاصم سليم باجوا خلاف ثبوت آيا اسان اها خبر هلائي،جنرل باجوا خلاف ٻه اسٽوريون هلايون هڪ ۾ هن جي بي انتها اثاثا وڌڻ واري خبر شامل هئي،هن چيو ته مان هالينڊ ۾ چئن سالن کان پوليس پروٽيڪشن ۾ آهيان،هن وقت به پاڪستان ۾ مون لاءِ حالتون بهتر ناهن ٿيون،هن چيو ته احمد نوراني جو پي ٽي آءِ ڏانهن لاڙو ٿي ويو هو،فيض حميد آءِ ايس آءِ جي جهاز کي رڪشا وانگر استعمال ڪندو رهيو،اها خبر اسان جي رپورٽر طاهر عمران فائل ڪئي ته احمد نوراني اها ڇاپڻ کان لنوائيندو رهيو،اسان عاصم منير جي خاندان بابت اسٽوري تي ڪم ڪيو،احمد نوراني ان اسٽوري ۾ ڪوڙ شامل ڪرڻ پئي چاهيو،سڀني ڏٺو ته هن ان اسٽوري ۾ ڪوڙ شامل ڪيو،عاصم منير جي نياڻين جا پاسپورٽ ڊپلوميٽڪ نه هئا،جنهن تي اسان احمد نوراني آڏو احتجاج ڪيو،هن چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته مان ۽ احمد نوراني هڪ ئي ڇوڪري تان وڙهيا آهيون،مون پسند جي شادي ڪئي آهي باقي احمد نوراني جا افيئر مشهور آهن،اسان جو پئسن تي به جهيڙو نه ٿيو،فيڪٽ فوڪس مان مون ڪڏهن به پگهار نه کنئي،احمد نوراني پگهار وٺندو رهيو هن کي وٺڻ به گهرجي ها،هن چيو ته احمد نوراني جي ذهني ڪيفيت جو اندازو اهو آهي ته جنهن به دوست هن جي مدد ڪئي هن ان کي گارگند ڪيو،هن چيو ته فيڪٽ فوڪس کي ٺهي 5 سال ٿيا،ٽوٽل 35 هزار يورو فنڊنگ ٿي،هن جي حرڪتن مان ڏسي سگهجي ٿو ته هن وقت پي ٽي آءِ کيس فنڊنگ ڪندي هوندي،فيڪٽ فوڪس ۾ اسان ڌار ٿي ويا آهيون،ان ۾ رڳو احمد نوراني ئي بچيو آهي،اها ڪمپني نوراني جي گهرواري جي نالي سان رجسٽرڊ آهي،هن چيو ته احمد نوراني ان ڪمپني ۾ مالي بدديانتي ڪئي،اها ريڊلائن هئي،صحافي شاهد اسلم فيڪٽ فوڪس ۾ 2021ع ۾ حصو بڻيو،هن جنرل باجوا خلاف اسٽوري نه ڏني هئي، هو ڪنهن جڳاڙ جي چڪر ۾ هو،هو به پي ٽي آءِ جي بينڊويگن ۾ چڙهي چڪو آهي،هن چيو ته مان صحافت نٿو ڪرڻ چاهيان،مان اسٽيبلشمينٽ حامي ناهيان،پاڪستان کي لبرل سيڪيولر جمهوريت جي ضرورت آهي،عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ئي نظريه پاڪستان جا محافظ اهن.