تعليمي نظام جو سنڌ ۾ وڌيڪ ٻيڙو ٻڏل آھي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا بہ يونيورسٽي عالمي معيار جي نہ ھجڻ تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ تعليم، سائنس ۽ ترقي حڪمرانن جي ايجنڊا ناھي،ڪرپشن، ڦرلٽ، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ ملڪ دشمن پاليسيون جوڙڻ دستور بڻجي ويو آھي. مسلسل خراب حڪمراني ملڪ کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو آھي. موجوده حڪمران پھريون ڀيرو اقتدار ۾ ناھن آيا، آھي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بار بار مسلط ڪيا وڃن ٿا، جنھن جو نتيجو آھي جو دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين ۾ پاڪستان جي هڪ بہ يونيورسٽي شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ موجود يونيورسٽين ۽ تعليمي نظام جو سنڌ ۾ وڌيڪ ٻيڙو ڀڏل آھي. پنجاب ۽ اسلام آباد جون يونيورسٽيون ۽ اتي جو تعليمي نظام سنڌ کان تمام گھڻو بھتر ۽ اڳتي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيا آھن. يونيورسٽيز مان شاگردياڻين جا لاش ملن ٿا. سھولتون ناھن. 18 سالن کان ھلندڙ خراب حڪمراني سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.