اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ مخصوص سيٽن بابت ميڊيا ۽ سياسي حلقن جي تنقيد کي بي بنياد ۽ حقيقتن جي برخلاف قرار ڏنو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي ادارو هميشه آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو آهي، ۽ ان جا ڪيترائي موقف سپريم ڪورٽ مان توثيق يافته آهن، ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به سياسي دٻاءَ يا عوامي گوڙ هيٺ اچي فيصلا نٿو ڪري، پر آئين، قانون ۽ موجود شاهدين جي بنياد تي غيرجانبدار فيصلا ڪري ٿو، ڪنهن به سياسي جماعت يا مفاد پرست گروهه پاران ادارو تي دٻاءَ وجهڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون، اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن کي صلاح ڏني آهي ته اهي پنهنجي سياسي ناڪامين جو بار ادارو تي نه وجهن، ڇو ته اهڙو رويو غير مناسب آهي.