واشنگٽن( م ڊ) آمريڪي رسالي بلوم برگ جي رپورٽ موجب، گذريل 12 مهينن دوران پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو امڪان نمايان طور گهٽجي ويو آهي. رپورٽ مطابق، ڊيفالٽ جو خطرو 59 سيڪڙو کان گهٽجي 47 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، بلوم برگ موجب، عالمي مالي ادارن پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ آئوٽ لُڪ ۾ سڌاري، اقتصادي استحڪام ۽ مالي سڌارن جي نتيجي ۾ ڊيفالٽ جو خطرو گهٽ ٿيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊيفالٽ رسڪ ۾ اها گهٽتائي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو پڻ ثبوت آهي، ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت جي صلاحڪار خرم شهزاد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلوم برگ انٽيليجنس موجب پاڪستان خودمختيار ڊيفالٽ رسڪ ۾ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ بهتري ڏيکاري آهي، ۽ عالمي درجي بندي ۾ پاڪستان ڊيفالٽ خطري ۾ گهٽتائي جي حوالي سان پهريون نمبر حاصل ڪيو آهي،هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف معيشيت جي استحقام تي بلوم برگ جي رپورٽ مان مطمئن آهي ، هن چيو ته رپورٽ معاشي صورتحال ۾ بهتري جي اميد آهي، ملڪ مضبوط معاشي مستقبل جي طرفان تيزي سان گامزن آهي.